اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي پٽ سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سليمان شهباز جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته سليمان شهباز آڪٽوبر 2018 کان ٻاهرئين ملڪ آهي، ان کانپوءِ ايف آءِ آر ٿي، جنهن تي عدالت چيو ته پٽينسر جي غير موجودگي ۾ حفاظتي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. وڪيل چيو ته 11 ڊسمبر تي سليمان شهباز پاڪستان اچي ويندو، اپيل آهي ته ايئرپورٽ کان عدالت اچڻ تائين اختيارين کي گرفتاري کان روڪيو وڃي. ان موقعي تي امجد پرويز ايڊووڪيٽ، سليمان شهباز جي ايئر ٽڪيٽ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. عدالت سليمان شهباز جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کيس ڏيهه واپسي تي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
