هيلو، گهڙين جي وڪري بابت عمران خان جي گهرواري ۽ زلفي بخاري جي مبينا آڊيو ليڪ

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري جي مبينا آڊيو سامهون آئي آهي. مبينا آڊيو ۾ بشريٰ بي بي زلفي بخاري کي سلام جو جواب ڏيڻ کانپوءِ سندس طبعيت پڇي ٿي ۽ عمران خان جون گهڙين کپائڻ جو ذڪر به ڪري ٿي. مبينا آڊيو ۾ بشريٰ بي بي زلفي بخاري کي ٻڌائي ٿي ته خان صاحب جون ڪجهه گهڙيون آهن، هن چيو آهي توهان کي موڪلي ڇڏيان ته جيئن توهان انهن کي ڪٿي کپائي ڇڏيو. بشريٰ بي بي جو چوڻ هو ڇو ته اهي سندس استعمال جون ناهن، تنهن ڪري چاهي ٿو ته توهان انهن کي ڪٿي کپائي ڇڏيو، جنهن جي جواب ۾ زلفي بخاري چئي ٿو ته ضرور مرشد مان ائين ڪندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں