زاهد ملڪ
“پوڙها!ٻارن جي اسڪولن جو ٽائيم ٿي ويو آهي، پر گئس آهي ئي ڪا نه، ڪيئن ناشتو ٺاهيان؟ ٻار بکئي پيٽ اسڪول ويندا؟ رات به گئس نه هئڻ ڪري ٻارن ڪجهه ڪين کاڌو هيو” . هي اهو جملو آهي جيڪو روز صبح جو سنڌ جي تقريبن هر گهر ۾ گونجندو رهي ٿو، رڳو اهو نه پر جڏهن توهان نيرانا گهر کان نڪري ڪنهن سوزوڪي، رڪشا يا بس ۾ ويهو ٿا ته ڀاڙو هيڪوڻ جي ٻيڻ تي ورتو وڃي ٿو،پڇا ڪرڻ تي ڪنڊيڪٽر يا ڊرائيور اهو ئي چون ٿا ته “ ابا… نئون آيو آهين ڇا خبر ڪا نه اٿئي، سي اين جي ملي ئي ڪا نه ٿي، پيٽرول تي ٿيون گاڏيون هلن”. اها ويڌن رڳو سنڌ ۾ نه پر تقريبن سڄي ملڪ ۾ ساڳي آهي.ماڻهو کائڻ،پائڻ،سواري ڪرڻ توڙي ڪا به شئي خريد ڪرڻ لاءِ پريشان! ڇاڪاڻ ته هر شئي جا اگهه آسمان تي آهن.
گئس سنڌ جو اهو ٻارڻ آهي جنهن تي گهر جي چلهه، گاڏيون ، هوٽل انڊسٽري،ڪارخانا ۽ ٻيا به ڪيترائي روز مرهه جا ڪاروبار هلن ٿا. ملڪ کي آزاد ٿئي 75 سال يعني مني صدي ٿي چڪي آهي پر اسان اڄ به گئس لاءِ پريشان آهيون، ورهاڱي کان اڳ ته هر ڪم ڪاٺي يا ڪوئلي تي ٿيندو هيو، ورهاڱي کانپوءِ بلوچستان جي سئي شهر مان گئس ملي. جنهن تي 50 -60 سال گذارو ڪيوسين، جيڪي ذخيرا به هاڻ ختم ٿيڻ تي آهن. سنڌ اهو صوبو آهي جتان ملڪ جي ٽوٽل گئس ۽ تيل جو 70 سيڪڙو نڪري ٿو، پر سنڌ واسي اڄ به ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبورآهن، سنڌ جي جن علائقن مان گئس نڪري ٿي اتان جي مقامي آبادي به ان کان محروم آهي، هر سال گئس بحران ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. اڳ ۾ گئس جي صرف لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر هاڻي ته گئس ئي گم آهي. جيڪڏهن ڪجهه شهرن ۾ اچي به ٿي ته پريشر نه هجڻ جي برابر آهي.سنڌ واسي اڄ به ڪاٺيون يا ايل پي جي سلينڊر ٻارڻ طور استعمال ڪن ٿا يا واري هوٽلنگ تي مجبور آهن. ايل پي جي سلينڊر جي قيمت به اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي وڌي وئي آهي، پهريان ته گئس هئي ئي ڪو نه ان باوجود جيڪا ٿوري گهڻي اچي به کڻي ٿي ته ان جا اگهه پيٽرول کان به وڌيڪ رکيا ويا آهن.
هن سال سردي اچڻ شرط گئس يا ته مڪمل طور غائب آهي يا وري پريشر گهٽ. لوڊيشنگ به اهڙي ٽائيم تي ٿا ڪن جو نه صبح جو ناشتو ٿو ملي نه منجهند جي ماني رات جو به بکئي پيٽ سمهڻو پوي ٿو. هر ماڻهو نه ايل پي جي استعمال ڪري سگهي ٿو نه ئي وري هوٽلنگ ڪري سگهي ٿو. ڪاٺيون به 800 رپيا مڻ. ويچارا سنڌ واسي غريب وڃن ته آخر ڪيڏانهن وڃن!؟
عام ماڻهو ته پري، خود وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف به هٿ مٿي ڪري چٽن لفظن ۾ اهيو چئي ڇڏيو آهي ته“ بابا! گئس ڏاڍي مهانگي آهي، درآمد نٿا ڪري سگهون، ماڻهو پنهنجو بلو پاڻ ڪن” آخر ائين ڇوآهي جو حاڪم به هٿ مٿي ڪريو ڇڏين. ڪير ٻڌائيندو ته غريب عوام، مسڪين ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟
اهي سڀ بحران مس مينيجمينٽ جو ئي نتيجو آهن. اسان جي اقتصاديات ۽ معيشيت جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي جنهن ڪري ڪو به ڪم درست نموني نه پيو ٿئي.اسان جا اقتصادي ۽ معاشي ماهر خودمختيار ناهن. حاڪمن جو ڀروسو سياسي اقتصادي ماهرن تي ئي آهي،جن جو مکيا مقصد ئي آهي اڳ ۾ سياست پوءِ معيشيت.اهي ڄاڻي واڻي نٿا چاهين ته ملڪ ترقي ڪري ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪندو ته سندن سياست جو ٻيڙو غرق ٿي ويندو. گئس بحران جو مقصد ڪارخانن جو بند ٿيڻ، ڪارخانا بند ٿيا ته بيروزگاري وڌندي، بيروزگاري وڌي ته ڏوهه وڌندا ۽ امن امان جي خراب صورتحال ٿيندي. مقصد ته اسان کي اڳتي وڌڻوئي ناهي.اسان ماضي جي غلطين کان سکيو ئي ناهي نه ئي سکڻو آهي.اسان ويزن 2000 ۽ 2021 ته جوڙيا پر ان تي عمل نه ڪيو نه ئي ايمرجنسي طور گئس مينيجمينٽ پلان تيار ڪيو. جنهن جو نتيجو اسان جي آڏو آهي.
اڳ ۾ گئس پائيپ لائين جوڙڻ جو ايران سان ٺاهه ڪيو ويو هو، پر پوءِ انڊيا جي اعتراض ۽ بلوچستان ۾ بدامني جي ڪجهه واقعن کانپوءِ ان کي به ختم ڪيو ويو. جيڪڏهن اڄ به اسان پنهنجا پير سڌا ڪيون ته اسان نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ کي به ان بحرانن مان ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا. جنهن لاءِ ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا ئي ڪافي آهن. ڀلا ان کي به کڻي ٿا ڇڏيون تازو او جي ڊي سي ايل کي سانگهڙ ضلعي ۾ 12 آئل ۽ گئس جا زخيرا هٿ آيا آهن، جن مان 95 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ گئس ۽ 14 بلين بيرل تي جا زخيرا ملڻ جي اميد آهي. جيڪي پوري ملڪ جي 90 سالن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، خوشي جي ڳالهه اها به آهي ته چين ان آئل ۽ گئس فيلڊن تي ڪم ڪرڻ لاءِ نه رڳو راضپوڏيکاريو آهي پر 10 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي آهي، جيڪڏهن اسان سياسي متڀيد کان مٿائون ٿي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ نيڪ نيتي سان تيار هجون ته ان مان ملڪ ۽ عوام جو نه رڳو ڀلو ٿي سگهي ٿو پر اسين مٿي ڄاڻايل بحرانن مان به نڪري سگهون ٿا. ڪاش! ڪير پنهنجي سياسي ويزن ۽ سياسي اقتصادي ماهرن کي پري رکي صرف ملڪ،عوام ۽ عام ماڻهو جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ سوچيون ۽ ان تي عمل به ڪريون.
