ٽنڊوآدم ( ن س ) سانگھڙ کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس ٽنڊوآدم جي ٻيراني شاخ وٽ موڙ تي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي قابو مان نڪري ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ 9 عورتن سميت 23 ڄڻا حسنين . رميش . فيضان . رامون . نعمان . نورالدين . مسمات انيلا . مسمات نسرين . مسمات رخسانه . مسمات ياسمين . مسمات زينت بي بي . مسمات امير خاتون . مسمات ڌڃاڻي . مسمات ماھ نور . مسمات فضيلا . لکو . اشوڪ . سومار . پرڪاش . عبدالله . راجه . وقار ۽ قاص سخت زخمي ٿي پيا جن کي مختلف گاڏين جي ذريعي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم پھچايو ويو جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاء ايل ايم يو حيدرآباد نيو ويو اطلاع ملڻ تي مختيارڪار رحم علي زرداري . وسيم احمد چنه . خدابخش جوڻيجو ۽ سٽي پوليس تعلقه اسپتال پھتا ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا زخمين جي عيادت ڪئي جڏھن ته بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو .
