ڪوبه ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته جي يو آءِ ڪمزور ٿي وئي آهي: مولانا فضل الرحمان

ڪوئٽه (بيورو) پي ڊي ايم سربراهه ۽ جي يو آءِ(ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪوبه انهي غلط فهمي ۾ نه رهي ته جي يو آءِ ڪمزور ٿي وئي آهي. ڪوئٽه ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪوبه غلط فهمي ۾ نه رهي ته جي يو آءِ ڪمزور ٿي وئي آهي. دنيا جي ڪابه طاقت جي يو آءِ جي صفن ۾ ڏار پيدا نٿي ڪري سگهي. وڏيون ۽ اهم شخصيتون جي يو آءِ ۾ شامل ٿي رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلام جي مضبوطي لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي. اسان فرقيوارانه هم آهنگي جي لاءِ ڪم ڪنداسين پاڪستان کي امن جو گهوارو بنائينداسين. جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته عالمي طاقتون پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيون آهن جمهوريت ۽ آئين کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي ته جيئن ملڪ ڪمزور ٿئي. پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته 3 سالن دوران پاڪستان کي مشڪل صورتحال طرف ڌڪيو ويو. مديني جي رياست جي نالي تي عوام سان ڌوڪو ڪيو ويو. پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪيو ويو. پاڪستان جو روپيو ڊالر جي مقابلي ۾ پوئتي وڃي رهيو آهي. اڄ اسان دوست ملڪن جو ڀروسو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں