ڪوٽڙي (ن س) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي چيئرمين سليم رضا جلباڻي چيو آهي تہ سنڌ ۾ نوجوانن کي ھنري سکيا لاءِ اڀرندڙ جديد ٽيڪنالاجي سان سر شار سھولتون مھيا ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي بين الاقوامي سطح تي سنڌ جي شاگردن کي ھنري سکيا ذريعي روزگار جا موقعا فراهم ٿي سگهن ٿا اھڙن خيالن جو اظهار ھن سينٽر آف ايڪسيلينسي ان ماڊرن ٽيڪنالاجيز ڪوٽڙي جو افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو سليم رضا جلباڻي وڌيڪ چيو تہ صوبي ۾ ھنري سکيا واري شعبي کي يورپي يونين ۽ ٻين سھڪار ڪندڙ ملڪن جو ٿورائتو آهيان ھن چيو تہ سينٽر آف ايڪسيلنسي ان ماڊرن ٽيڪنالاجيز ڪوٽڙي سنڌ TVET سيڪٽر جي ترقي ۽ علائقي ۾ نوجوانن لاءِ روزگار ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ تيار آهي تقريب کي اسٽيوٽا جي ايم ڊي ۽ اپ گريڊڊ تربیتي سھولت جي پرنسپال ڊاڪٽر غلام مصطفي سھاڳ اداري جي ڪمن بابت ڄاڻ ڏيندي چيو تہ اسان سمورن ادارن ۽ ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن ٽيوٽا سيڪٽر پروگرام جي ڪوشش سان ھي تبديلي جو ھڪ ڪامياب سفر ڪري رهيو آهي تقريب کي يورپي يونين جي نمائندي اوويڊيو مائيڪ، جرمني جي سيبسٽين پاسٽ، نيوٽڪ جي محمد علي چاچڙ ۽ ٻين پڻ کي خطاب ڪيو جڏهن تہ سکيا ڏيندڙ ٽرينرز کي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورھايا ويا.
