ڪڍڻ(ن س) گرلس مڊل اسڪول علي مراد چانڊيو جي ٺھيل عمارت جي مٽي کڻڻ سان ديوار مڪمل پاڻان پٽجي ويئي ڳوٺاڻن محمد ابراھيم چانڊيو قائم خان چانڊيو محمد قاسم چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺاڻن پريس ڪلب ڪڍڻ جي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڪروڙين روپين جي ٺھيل بلڊنگ جو ڪافي حصو متاثر ٿيو آھي وڏا مٽي کڻڻ سبب وڏا کڏا پئجي ويا آھن جيڪڏھن بارشون پيون ته اسڪول ۾ پڙھندڙ نياڻيون وڏن کڏن ۾ ڪنھن وقت به ڪري ٻڏي سگھن ٿيون ڳوٺاڻن اسڪول ۾ لڳل کڏن تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي ته اسڪول ۾ لڳل کڏا ھڪدم پوريا وڃن
