اسان جو منشور ظلم جي خلاف آواز بلند ڪرڻ آهي:غلام نبي راجپوت

ڀٽ شاهه(ن س)انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ جي مرڪزي چيئرمين رانا غلام نبي راجپوت ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري رانا اسلم ڀٽ شاھ پهچي ميڊيا آفيس جو دورو ڪيو ۽ ان ۾ شامل صحافي برادري سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن رانا غلام نبي راجپوت ۽ رانا اسلم جو چوڻ هو ته انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ هڪ نان فنڊ ادارو آهي جنهن کي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائي رهيا آهيون اسان جو منشور ظلم جي خلاف آواز بلند ڪرڻ آهي برما، ڪشمير ۽ ٻين علائقن جي مظلوم عوام لاءِ اسان پاڪستان ۽ اسان جي باني صدر رانا بشارت علي پاران اقوام متحدہ ۾ تمام گهڻو آواز اٿاريو آهي ان کان علاوه صحت کاتي جي تعاون سان غريب ۽ مسڪين مريضن جو مفت ۾ علاج ڪرايو ويندو آهي، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميڊيا هميشه مظلوم ماڻهن جو آواز اعلا ايوانن تائين پهچائي انهن کي انصاف ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌي ميڊيا طرفان ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو به بهترين انداز سان ملهايو ويو جنهن لاءِ اسين سموري ميڊيا کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، هنن چيو ته اسان جي دعا آهي ته ميڊيا جي صحافي دوست وڌيڪ محنت ڪن ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، اسان جو ساٿ به انهن سان هر وقت جاري رهندو،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں