اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان هيڏنهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪري، اسيمبليون ٽوڙي، اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته عام چونڊون ايندڙ سال آڪٽوبر ۾ ئي ٿينديون، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽٽن ٿيون ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون. هن چيو ته عمران خان مان توهان جو ڪيڏو انتظار ڪيو پر توهان نه آيا، توهان اسلام آباد ۾ جلسو به نه ڪيو ۽ راولپنڊي هليا ويا. راڻا ثناءُ الله، عمران خان کي چئلينج ڪندي چيو ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڇڏيو، اسيمبليون ٽوڙيو، ايندڙ چونڊن کي ڇڏيو هنن ۾ ئي فيصلو ٿي ويندو، توهان کي پنجاب ۾ به ڀرپور شڪست ڏينداسين ۽ لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي. سندس موجب هاڻ وقت جي ضرورت آهي ته ميثاق معيشت ٿئي، چارٽر آف اڪانامي ٿيڻ گهرجي، شهباز شريف پاڪستان خاطر سڀني سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي آجيان جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي نواز شريف پاڪستان اچي ويندو.
