بلاول ڀٽو ۽ سينگاپور جي پرڏيهي وزير ۾ ملاقات، ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينگاپور جي هم منصب ڊاڪٽر ويون بالا ڪرشٽن سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو پڻ ورتو ويو. سينگاپور جي دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويون بالاڪرشٽن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سينگاپور جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ بطرفن لاڳاپن ۽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ايشيا پيسفڪ ۾ آسيان جي قيادت هيٺ عمل جي لاءِ حمايت جو اظهار پڻ ڪيو. ياد رهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انڊونيشيا جي دوري کان پوءِ گذريل رات سينگاپور پهتو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں