تلهار ۾ نازيه ماڇي جي مک قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاجي مارچ

تلهار (ن س )27 ڏينهن پهرين تلهار ۾ زميني تڪرار تان قتل ڪيل عورت ٻن معصوم ٻارڙن جي ماءُ مسمات نازيه ماڇي جي قتل ڪيس ۾ گهربل مُک جوابدار پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر سميت 3 جوابدار اڃان گرفتار نه ٿيا ، جوابدار بااثر هجڻ سبب تلھار پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هڪ به ڪاروائي نه ڪيو آهي تلهار ۾ مقتولہ نازيه ماڇي جي وارثن پاران ڳوٺ ڦوٽو ماڇي کان پريس ڪلب تائين عورتن ۽ ٻارڙن سميت مردن جو پلي ڪارڊ کڻي مارچ ،پ پ ايم پي اي ،مُک جوابدارن ۽ پوليس خلاف نعريبازي ،ان موقعي تي سُڌير احمد ماڇي ،نواز ماڇي ،مسمات راڄ ٻائي،خالدہ ۽ ٻين چيو ته 27 ڏينهن پهرين اسان جي نياڻي کي سرعام سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو تلهار ٿاڻي تي اسان قتل ڪيس ۾ گهربل مُک جوابدار پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر ،واپاري اڳواڻ راجہ ممتاز خواجه ، بلڊر عمران پپي خواجه خواجه سميت 12 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو هو پر پوليس اڃان تائين بااثر مُک جوابدارن مان هڪ به گرفتار ناهي ڪيو هنن وڌيڪ الزام هڻندي چيو آهي ته بااثر جوابدار اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان هٿ کڻو پر اسان کين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته جيستائين اسان جي نياڻي کي انصاف نه ملندو احتجاج جاري رهندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں