جيڪب آباد ۾ ٽالاڻي برادري جي پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ٽالاڻي برادري طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ شھيد الله بخش سومرو پارڪ کان محسن خان ٽالاڻي،لياقت خان ٽالاڻي،گل بھار خان ٽالاڻي ۽ ٽالاڻي برادري طرفان ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڊي سي او چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو پهچي وئي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي  خلاف سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ۽ سازش جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ۽ اسين پاڪستاني عوام هر وقت پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏ آهيون ۽ مودي سرڪار ڪشميري  عوام سان جيڪو ظلم ڪري ٿو عالمي سطح تي انساني حقن وار تنظيم ان جو نوٽيس وٺي ڪشميري عوام سان انصاف ڪري انھن کي حق خود اختياريءَ ڏني وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں