خيرپور (ڊ ر ) ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن سيشن ڪورٽ گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري عدالتي ڪمن جو بائيڪاٽ ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ بار جو صدرايڊوڪيٽ سيد جعفر شاهه، جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ الطاف مري،ايڊوڪيٽ شعيب نياز خاصخيلي، ڪي بي ڪٻر، ايڊوڪيٽ حفيظ چانڊيو، ايڊوڪيٽ ڪليم الله ميتلو، قربان ناريجو، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرين احتجاجي ڪندي چيو ته سيشن جج خيرپور جي وڪيل دشمن پاليسين کي رد ڪريون ٿا، هنن چيو ته سيشن جج جي من پسند پاليسين کي ڪنهن به صورت منظور نه ڪنداسي، مظاهرين چيو ته عارضي ضمانت لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ ٽريو ڪاپين جو جواز ڄاڻائي، وڪيلن ۽ ڪيسن ۾ نامزد معزز شخصيتن کي رليف ڏيڻ بجاءِ دربدر ڪيو پيو وڃي، جنهن جون شڪايتون ڪرڻ باوجود سيشن جج خيرپور وڪيلن ،ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن کي مان ڏيڻ بجاءِ بضد بڻيل آهي، هنن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سيشن جج خيرپور جي وڪيل دشمن پالسين جو نوٽيس وٺي ازالو ڪيو وڃي،
