سنڌ حڪومت جبري مذهب تبديليءَ خلاف پرعزم آهي، مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جبري مذهب مٽائڻ ۽ سمورن اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ زبردستي مذهب مٽائڻ واري قانون تي نظرثاني اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.  اجلاس ۾ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جبري مذهب مٽائڻ واري قانون تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙيندي جيڪا سندن ترجيحن ۾ شامل آهي. وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه ۽ غور ويچار ذريعي ان مسئلي تي اتفاق راءِ ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں