سنڌ ۾ وڌندڙ ڦرون ڌاڙا ۽ وهندڙ بي گناھ رت !

قاسم خاصخيلي
سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شھرن سميت پاڪستان جي اڪثر علائقن مان بدامني وڌڻ ڪري ڏوهارين پاران اغوائن ڦرن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جون خبرون روزانو اخبارن ۾ پڙھندا رهون ٿا جڏهن ته سري عام روڊن رستن چوراهن تي ڦر اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ڪيترائي بيگناھ ڳڀرو نوجوان پنھنجي حياتين جو نظرانو ڏئي چڪا آھن، ڦرن ڌاڙن اغوائن ۽ بي گناهن جي قتل جو اهو سلسلو سنڌ اندر به ڏينهون ڏينهن وڌندو نظر اچي رهيو آھي پر انهن کي روڪڻ لاء ڪٿي به ڪا قانون جي جوڳي اڳڀرائي نظر نٿي اچي هي ڦرون ۽ اغوا جون وارداتون ڪرڻ وارن جون ان ڪم ڪرڻ پويان خبر ناهي ته ڪھڙيون مجبوريون هونديون پر يقينن انهن ۾ ان جي پويان بي روزگاري اقربا پروري وقت سر کين ڪو انصاف نه ملڻ سبب مايوس ٿي ڏوهاري ٿيڻ ۽ تعليم جي کوٽ جا سبب ٿي سگهن ٿا پر اسان خاص ڪري سنڌ جي ننڍن شھرن جي ڳالھ ڪنداسين جتي ڪا وڏي آبادي ناهي هوندي جو اسان سمجهون ته انهن وارداتن پويان ڪي ڳجها هٿ هوندا آھن پر انهن ڪڌن ڪمن ۾ اڪر ڪري لوڪل ۽ لوفر قسم جا ماڻھو شامل هوندا آھن جيڪي ننڍيون ننڍيون چوريون ڪري قانون جي مضبوط پڪڙ نه ٿيڻ ۽ مبينا طور پوليس کي پئسن جي ڏي وٺ، سفارش سبب سزائن کان بچي وڃڻ کان پوء هو وڌيڪ طاقتور ٿي وڃن ٿا پوء نتيجي ۾ هو وڌيڪ ديده دلير سان اڃان به هڪ قدم اڳتي وڃي وري وڏيون وارداتون ڪرڻ لڳندا آھن، جن ۾ هو ڪنهن کان ڦر يا ڪنهن کي اغوا ڪرڻ وقت مزاحمت کي برداشت نه ڪري سگهندا آھن پوءِ ڦر دوران ئي گوليون هلائي سامهون آيل ان بي گناھ کي قتل ڪري ڇڏڻ ۾ به دير ناهن ڪندا جيڪو افسوسناڪ عمل آھي، اهڙو ئي هڪ افسوسناڪ واقعو ڪجھ وقت اڳ قاضي احمد لڳ مشاخ شاخ وٽ به پيش آيو، جنهن ۾ پنھنجي پيء جي شفقت کان محروم هڪ بيوس امڙ جو سھارو گلاب جو گل ڳڀرو نوجوان غلام عباس چانڊيو به آھي جيڪو اهڙن ئي ڪجھ لوفرن هٿان موٽر سائيڪل ڦر دوران گوليون هڻي شديد زخمي ڪيو ويو، جنهن جي زندگي ته نه بچي سگهي پر سندس پويان سوين سوال ۽ هزارين ڪهاڻين جنم ضرور ورتو آھي، هڪ بي گناھ ڳڀرو نوجوان زندگي ۽ موت جي ٻہ واٽي تي بيھي هن سماج کان سوال ڪندو رهيو ته ڇا هن دنيا ۾ عزت سان زندگي گذارڻ ڪو گناھِ ڪبيره آھي؟ پر ان جي سوال جو جواب سماج جي ڪنهن به ماڻھو وٽ نه هيو نيٺ هو پنهنجي سوال جي جواب جو منتظر رهي زندگي جي جنگ به هارائي ويو، نھايت ئي افسوس جي ڳالھ آھي ته هن ڳڀرو نوجوان غلام عباس ولد مرحوم يعقوب علي چانڊيو کي کانئس موٽر سائيڪل ڦر دوران ڦورن گولي هڻي شديد زخمي ته ڪيو پر وري مبينا طور نواب شاھ اسپتال جي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ سھي علاج نه ٿيڻ سبب هو زندگي ۽ موت جي بلڪل ٻہ واٽي تي اچي ويو، هو پنهنجي نئين زندگي ماڻڻ لاءِ ڪنھن معجزي جو منتظر رهي رهي نيٺ ھن دنيا جي مسيحا سڏائڻ جو ناٽڪ ڪندڙ ڊاڪٽرن سميت هن ملڪ جي قانون جي رکوالن ۽ انهن جي حمايتين کي سوين ڏوراپا ڏيندو بهتر ۽ آسودي زندگي گهارڻ جا دل ۾ ارمان ۽ اکين ۾ خواب کڻي لڙندڙ لڙڪن سان پنهنجي جيجل امڙ سميت ٻين گهر ڀاتين دوستن ۽ پاڙيسرين کي هميشه لاء ڏکويل اڪيلو ڇڏي پاڻ زماني وارن کي انصاف نه ڏيارڻ جو مياري ڪري هن دنيا مان هميشه لاء الوداع ڪري ابدي ننڊ سمھي پيو، افسوس ته ان ڳالھ جو به آھي ته اڄ تائين نہ پوليس اهي نامعلوم ڦورو تلاش ڪري سگھي آھي ۽ نہ ئي وري هن درد وندي ديس واسين جي زخمن تي مرهم رکڻ جي لاء ڪو لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن لاءِ قانون ٺھي سگهيو آھي جيڪو انهن کان ٿورو گھڻو پڇاڻو ڪري سگھي! اهڙين تڪليف وارين گھڙين ۾ سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين تر جي ايم پي اي محترم غلام قادر چانڊيو هن نوجوان جي زندگي بچائڻ لاءِ ذاتي طور ڪوششون وٺي سندس علاج لاء وڏي اڳڀرائي جي دلي ڪوشش ضرور ڪئي پر ڳڀرو نوجوان غلام عباس چانڊيو نواب شاھ کان پوءِ ڪراچي جي انڊس اسپتال ۾ زير علاج رهندي ڏکن دردن تڪليفن کي سهندو پاڻ سان انصاف نه ٿيڻ سبب انتھائي مايوس نظر آيو هو، غلام عباس ته هي دنيا ڇڏي ڪوهين ڏور هليو ويو پر ان سان ٿيل ناانصافي تي هن مرده پرست سماج ۽ مري ويل ضمير وارن مان ڪير آواز اٿاريندو ۽ ڪير آھي جيڪو هن جي امڙ جي انهن زخمن کي ڀري سگهندو جيڪي زخم هن جي نازن سان پاليل پٽ کي بي دردي سان قتل ڪري رت ۾ لال ڪري ڏنل جي صورت ۾ ڏنا ويا هجن، جيڪڏهن سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ پوليس جي رٽ ھجي پوليس ڏوهارين ۾ قانون مطابق سگهو هٿ وجهي ته سوين غلام عباس جھڙا ڳڀرو اسان کان وڇڙي وڃڻ کان بچي سگهن ٿا، غلام عباس جا مجرم بہ قانون جي گرفت ۾ اچي سگھن ٿا، هن موقعي تي اسين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سميت آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان بي گناھ شھيد ٿيل غلام عباس علي چانڊيو جا مجرم سوگھا ڪرڻ جو عرض رکندي اميد ٿا ڪريون ته قانون پنهنجي حرڪت ۾ ضرور ايندو ۽ بي گناھ قتل ٿيل ڳڀرو نوجوان غلام عباس چانڊيو جي وهندڙ ريٽي رت جو انصاف ضرور ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں