سکر ۾ ريلوي پاور پلانٽ جي ڪروڙين روپين جي مشينري خراب پيل

سکر(رپورٽ: مجيد نواز مغل) سنڌ جي ٽين وڏي شھر سکر ۾  گذريل ڪيترن ئي سالن کان ريلوي ڊپارٽمينٽ جي طرفان پارو پلانٽ نزد ملٽري روڊ سکر  پاور پلانٽ جي ڪروڙن جي مشينري خراب پيل آھي ـ جنھن جي ڪري  ريلوي ڪالونيون کي بجلي فراهم ڪندڙ پلانٽ  وڏي وقت کان بند ٿي ويو آھي ـ ھتان جي اسٽاف جو چوڻ آھي ته  ڪافي ڀيرا انھيء قيمتي ڪروڙن جي پلانٽ جي مرمت لاء واسطيدار ريلوي اختيارين  کي لکيوويو آھي پر ان طرف ڪا به  توچھ ناھي ڏني وئي ـ ريلوي ٽيڪنيشنن موجب ريلوي اختياريون جيڪڏھن انھيء پلانٽ لاء ضروري پرزا موڪلي ته  اھا پلانٽ مرمت لائق ٿي ويندو ـ  امڪان آھن ته  اھو قيمتي پلانٽ ڪٽجي يا زنگجي  ضيائع ٿي ويندو ۽ ائين ڪروڙن جو نقصان ٿي ويندو يا وري پلانٽ چا پرزا گم ٿي ويندا ـ ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ھتان چي مختلف ريلوي ڪالوني واسين جنھن جو انگ سوين ئي آھي ـ انھيء مک بجلي گهر جي مرمت لاء گھربل بجيٽ ترت جاري ڪئي وڃي ـ 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں