سکر ۾ ناري فائونڊيشن پاران ڪرپشن خلاف جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ ناري فائونڊيشن بدعنواني خلاف عالمي ڏينهن ملهايو، جاڳرتا ريلي بعد تقريب ڪوٺائي وئي.ناري فائونڊيشن سکر, ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي سهڪار سان انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي جي حوالي سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول مينارا روڊ کان سکرپريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر مانيٽرنگ انٽيليجنس اينٽي ڪرپشن نوراللہ شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ آپريشن صوفي عبدالحفيظ چاچڙ تعليم کاتي جي حاجي ٻرڙو، عبدالماجد بلو، ناري فائونڊيشن سکر جي چيئر پرسن افشان اصغر، ايگزيڪيوٽو ڊئريڪٽر انور مھر ۽ پروگرام آفيسر شازيا عباسي ڪئي. ريلي بعد ناري فائونڊيشن ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي سهڪار سان گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول بيراج ڪالوني ۾ تقريب ٿي. تقريب ۾ ڊئريڪٽر ھاير ايجوڪيشن حافظ شھاب الدين انڍڙ، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر زبير مھر، اسڪول جي پرنسيپال فوزيا ميمڻ، سماجي اڳواڻ عذرا جمال، شڪيلا ڪنول، مس سندس، امجد مھر، عبدالوحيد، سائرہ سھتو، فرحان علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ريلي ۽ تقريب خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪرپشن ناسور آھي جيڪا ملڪ جي جڙن کي کوکلو ڪري ٿي ،ڪرپشن زدھ معاشرو ترقي بجاءِ تنزلي جو شڪار ٿي وڃي ٿو، ڪرپشن واري سماج ۾ ملڪ بجاءِ فرد امير بڻجي ٿو ۽ سماج ۽ ادارا ڏکيائين جو شڪار بڻجن ٿا. تقريب ۾ اسڪول جي شاگردياڻين، بدعنواني خلاف عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ تقريرون پڻ ڪيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں