صوبن جا حق تسليم ڪرڻا پوندا، ڪنهن صوبي تي ڪنهن اداري جي بالادستي قبول ناهي: فضل الرحمان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن دفاعي ادارا پنهنجي حدن ۾ رهيا ته اسان انهن کي سلام ڪنداسين. بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين تحت ڏنل اصولن ۽ دائرن کي احترام ڏيو ۽ سڀ ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن. هن چيو ته جڏهن اسان اندروني طور ڪمزور هوندا آهيون ته دنيا به اسان جي ڪمزورين جو فائدو کڻندي آهي، 70 سال اڳ اسان طاقتور هئاسين ۽ هاڻ ڪمزور آهيون، اڄ اسان ملڪ کي ايترو هيٺ ڇو آڻي ڇڏيو آهي، اسان ملڪي معيشت جي حوالي سان پريشان آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بدحالي آهي، پاڪستان جي معيشت ٻڏي وئي آهي، اسان کي ان صورتحال مان نڪرڻو آهي ۽ ملڪ کي مستحڪم ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سياسي ۽ معاشي استحڪام گهرجي ته اسان کي مستحڪم دفاع به گهرجي، جيڪڏهن دفاعي ادارا پنهنجي حدن ۾ رهيا ته اسان انهن کي سلام ڪنداسين. فضل الرحمان چيو ته اسان کي سڀني صوبن جو حق تسليم ڪرڻو پوندو، ڪنهن صوبي تي ڪنهن اداري جي بالادستي قبول ناهي، 18هين ترميم تحت صوبن کي ڏنل اختيارن تي عملدرآمد جي گهٽتائي آهي، هر صوبو پنهنجي وسيلن جو پاڻ وارث آهي، ڪو ٻيو صوبو ان تي قبضو نٿو ڪري سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں