لاڙڪاڻي ۾ پراسرار نموني گم ٿيل پيرسن جي وارثن جو مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ ملان ابڙو جي رهواسين 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل پيرسن جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان فراز علي ابڙو پنهنجي مائٽن محمد يونس، وسيم علي ۽ پپن ابڙو سان گڏجي دانهيو ته 3 ڏينهن اڳ شام جي وقت منهنجو پيرسن والد علي حسن ابڙو گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو جنهن جو ذهني توازن درست ناهي، والد جي گم ٿيڻ بابت باقراڻي ۽ بقاپور ٿاڻن تي اطلاع ڏيڻ سان گڏ سندس ڳولا مٽن مائٽن وٽ ڪئي پر ڪٿي به سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهرڀاتي سخت پريشان آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته والد جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں