معيشت، سياست ۽ مهانگائيءَ جي سائنس

رياض ابڙو
مهانگائي سڄي دنيا ۾ آهي يا ائين ناهي ته رڳو اسان مهانگائيءَ ۾ ورتل آهيون پر ڳالھ توازن جي ضرور آ ته آمدن ۽ خرچ ۾ مناسب ورڇ هجي يا جيتري آمدني هجي اوترو خرچ ڪجي پر ان توازن جي بگاڙ جا سبب گھڻي ڀاڱي سياسي اڻبڻت، اندروني خلفشار، بيروني طاقتن جي زور آوري ملڪ اندر دهشت گردي، دهشت پسندي، هٿيارن جي بي سبب ڊوڙ، صنعتن جي کوٽ، انتظامي خرابيون ۽ اَپَرـ اَپَر ۽ لوئر لوئر جي وڌندڙ فرق مثال جنهن وٽ گھڻو پئيسو آ اهو وڃي ٿو وڌندو ۽ جنهن وٽ گھٽ پئيسو آ اهو وڃي ٿو گھٽبو، يا اها مهانگائيءَ واري مصيبت گھڻي ڀاڱي غريب ماڻهن سان لاڳاپيل آ، ان ڪري ته پاڻ گھٽ اگھ تي ساريون ۽ ڪڻڪ وڪڻي وري ساڳي ئي ڪڻڪ ۽ چانور وڏي اگھ تي وٺن ٿا ان ڪري ته اتي اهي ورڇ وارا فارمولا نه ٿا هڻي سگهجن، ڇو ته اهي زرعي سيڪٽر وارا ماڻهو گھڻي ڀاڱي هينڊ ٽو مائوٿ واري زندگي پيا گذارن، انهن وٽ مناسب روزگار جا ذريعا، موقعا ۽ وسيلا به نه ٿا هجن ۽ کڻي نه هجڻ جي برابر آهن، ان ڪري اتي آمدن ۽ خرچ جا فارمولا غريبن تي اپلاءِ نه ٿا ٿي سگهن يا غريب الحال ماڻهن جي خوشحالي جي نشاني اها به آهي ته انهن وٽ وافر مقدار ۾ روزگار ۽ ڪمائيءَ جا وسيلا هجن يا سرڪار مهيا ڪري، يا مثال هاڻي اها ڳالھ ڪرڻ به نامناسب آ ته ڏھ سال اڳ فلاڻي ٽيري مٽيري شيءِ هيتري هيتري ۽ هيتري ۾ ملندي هئي پر 10 يا 20 سال اڳ پگهار به ايتري نه هئي يا ويجز به ايترا نه هيا يا اهو وقت بعيد ناهي ته کائڻ پيئڻ ۽ دوا درمل ايتري مهانگي ٿي ويندي جو ماڻهو اگھ ٻڌي وري دل کي هٿ ڏئي بيهندو ته شيون خريد ڪجن يا نه ڪجن يا جيئجي يا مرجي، ان ڪري روپئي جي قدر ۾ انتها درجي گھٽتائي جي ڪارڻ عام ماڻهوءَ جي لاءِ روزي روٽي به ڄڻ مشڪل ٿي پئي آ جو وسيلا ۽ موقعا ناهن ته ماڻهو ڪمائن ۽ کائن ڪيئن، ان ڪري حڪومتِ وقت جو اهو فرض آهي ته اها صنعتون، ڪاروبار ۽ نوڪريون مسلسل پيدا ڪندي رهي ته جيئن ماڻهن جي آمدني ۽ خرچن جو توازن برقرار رکي سگهجي، ان ساڳي ئي تناظر ۾ ”ملٽن فرايئڊمين“ جو چوڻ به بجا آهي ته مهانگائي هر جاءِ تي ۽ هر ملڪ ۾ آهي ۽ ان ڪري اهو ماليات ۽ اخراجات وارو رجحان انتها درجي جو ڊسٽرب رهندو ٿو اچي ۽ هر ماڻهو اهو ٿو چاهي ته ان وٽ اهو زَرَ ۽ اَفراط اڃان به وڌي وڃي يا ان وٽ پئسي ڏوڪڙ جي آوندڙ ان انتها جي هجي جنهن انتها درجي جي مهانگائي ٿيندي ٿي رهي ۽ هر ماڻهو هاڻي چاهي ٿو ته پگهار، روز جي ڪمائي، مهيني جي ڪمائي يا پگهار به لکن ۾ کڻي ته جيئن مهانگائيءَ کي منهن ڏئي سگهجي، پر ڳالھ اها به ڪري سگهجي ٿي ته اهي زر، دولتون ۽ افراط ان ڳالھ جا ضامن هجن ٿا ته ملڪ اندر توانائي، اقتصاديات، معاشي حالتون، ماڻهن جي في ڪس آمدني وڌندي رهندي پر دنيا ته اڃان ان ڳالھ تي پريشان آهي ته ملڪن جون دولتون انهن جي سڪي جي اهميت ۽ عزت جا سبب ڪهڙ ممڪن هجن ٿا، آخر ڪهڙي فارمولي تحت اهي دولتون گڏ ٿين ٿيون يا ترقي يافتا ملڪن بجيٽ ڊيفيسٽ جو شڪار نه ٿا هجن يا ناهن هوندا، اهي امير ملڪ غريب ملڪ جي ڀيٽ ۾ ڪڏهن به آءِ ايم ايف ڏي نه ٿا واجهائن، اهي امير ملڪ ڪڏهن به ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا نه ٿا ڏسن، اهي امير ملڪ ڪڏهن به روزگار جي مسئلن ۾ ناهن ڦاٿل، اهي امير ملڪ ته سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ رياستون جا علمبردار آهن، اهي عام ڀلائيءَ جي ڪمن جي بهاني پنهنجي ملڪ جي ماڻهن يا بيروزگار طبقي جي ايستائين امداد ڪندا رهن ٿا جيستائين اهي گريجوئيٽ بي روزگار شاگرد ڪنهن روزگار سان نه ٿا لڳن، پر اهي فارمولا اسان وٽ نه ٿا آزمائجن يا زڪوات ۽ عشر جا پئيسا ڪنهن احساس ۽ انڪم سپورٽ جي بهاني غريبن ۾ ورهائجن ته ٿا پر ورڇ جا فارمولا ۽ غريبن تائين پڄڻ جي ڪري انهن پئيسن جي ورڇ جا نمونا ائين ٿا هجن ڄڻ اهي غريب ائين ئي پنندا رهندا يا غريب عورتون جن کي غيرت جي بهاني گهر وارا اسڪول ناهن موڪليندا پر انڪم سپورٽ جا پئيسا وٺڻ جي لاءِ گهرئون اڪيلو به ڇڏي ٿا ڏين.
مالياتي پاليسين، ايڪسپورٽ جي گھڻائي يا انهن گهريلو پيداوار تحت رڳو پنهنجي ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ به ان ڳالھ جي ثابتي آ ته ملڪ پاڻ ڀرو ٿي ويندو پر ڳالھ هتي يا اسان وٽ اسان جهڙن غريب جي مائينڊ سيٽ يا انڪلائينيشن يا ٽرينڊس جي آ جيڪي هٿن ۾ امپورٽيڊ شين کڻڻ سا امپورٽيڊ شين جي هلائڻ ۾ عافيت يا سڪون ٿا ڀائن يا پنهنجي سماجي قد ڪاٺ ۾ اضافو ٿا سمجهن، پر فرايئڊمين ان ڳالھ جي ثابتي اها ڳالھ يا آبزرويشن به ڏئي ٿو ته جيڪي ملڪ ترقي ڪن ٿا يا ڪندا رهن ٿا يا جن وٽ سڪي جي ويليو گھڻي هجي يا وڌندي رهي ٿي ۽ غريب ملڪن ۾ غربت ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي ان ڪري ته اهي ڪنزيومر سوسائٽي ۾ اچن ٿا مثال جيئن چائينا جي ڪنزيومر ۾ اچون ٿا، ڇو ته چائينا جي پاليسين ۾ اهو آ ته رڳو اسان کان وٺو ۽ اسان جو ٺاهيل شيون استعمال ڪيو ۽ اسان جي شين جي واهوا ڪيو، ان ڪري هاڻي هتي هڪڙو مثال ڪوٽ ٿا ڪيون ته هاڻوڪي معاشي فيصلن يا سي پيڪ جي زمري ۾ اهي سڀ شيون اچن جن ۾ جي چائينا جي حوالگي ۾ جيڪي شيون ته ڇا اهي ملڪ کپائڻ واري زمري ۾ نه ٿيون اچن ان ڪري ته چائينا جي پاليسي ۾ اهو آ ته جي اهي اسٽيل مل وٺندا (وٺي چڪا آهن) ته اهي اتي به پنهنجا ملازم هڻندا ان ڪري ته انهن وٽ پاڻ بيرزگاري آ ۽ چائينا ڪڏهن به پاڪستان جهڙن ملڪن مان افرادي قوت نه ٿي وٺي يا جيڪي به پاڻ کي مزدور کپنس ٿا اهي ٻين ملڪن ۾ به پاڻ ٿو موڪلي اسان وٽ چائينا جي جيڪي به پروجيڪٽ هلائي ٿو انهن تي پنهنجا ماڻهو يا مزدور ٿو هڻي ان ڪري ان ڳالھ جي ثابتي آ ته چائينا پاڻ ڀرو ٿيڻ جي لاءِ اهي سڀ ڪم ڪري جنهن ٻين ملڪن جو نقصان ٿئي ته ڀلي ٿئي.
دنيا ۾ جيڪي به وبائون لهي چڪيون آهن يا جيڪي به وبائون اينديون انهن جي پلاننگ يا کين سهڻ جي طاقت ڪنهن غريب ملڪ وٽ ناهي يا نه ئي ٿي سگهي يا نه هوندي پر چائينا وري اهڙو ملڪ ثابت ٿيو جنهن ڪووڊ ۾ به ڪمايو يا جنهن ڪووڊ ۾ ماسڪ، سينيٽائيزر، ٽيمپريچر (بخار) چيڪ ڪرڻ جون مشينون، زڪام چيڪ ڪرڻ جا آلا، يا ڊاڪٽرن واريون ڪٽون (ڊريسون) ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ پر ان دوران ٻين ملڪن ۾ عوام بک مئو يا ملڪن ۾ ڪمايون گھٽ رهيون ۽ انهن ماڻهن ته انهن وبائن دوران به معيشت جا ذريعا ڳولهيا، يا ٻئي اسپيڪيوليشن اهي به آهن ته روس جو يوڪرين تي حملو ۽ چائينا جو تائيوان تي حملو به ان ڳالھ جا ثبوت آهن ته دنيا ۾ مهانگائي اڃان وڌندي ان ڪري ته آمريڪا ۽ چائينا پنهنجي لڙائي يا سرد جنگ ۾ ٻين ملڪن جا دهانا ڪڍيون ويٺو آ ۽ انهن جنگين يا بمن گولن جي ڪري اتان جي تيل جي پيداوار کان وٺي زرعي اپت ۾ به گھٽتائي انيدي رهي ٿي يا جيڪي به روز جا ڪم ڪاريون هجن ٿا اهي نه ٿا ڪجن يا عام ماڻهو اهو به سوچي ٿو ته انهن گولين جي منهن ۾ روزگار ڪيئن ڪجي يا اڄ کڻي نه ٿا ڪمايون، ان ڪري انهن علائقن ۾ ماڻهن جي روزگار جي عدم توجھ جي ڪري يا رسڪ فيڪٽر جي ڪري ڪم ڪارين جي اها رش نه ٿي هجي جيڪا هجڻ گهرجي هان.
اها ڳالھ ته سمجھ ۾ اچي ٿي ته مهانگائي ڇو ٿي ٿئي، يا اها ڳالھ به آلجبرا ناهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا ڇو ٿا ٿين يا بجيٽ ڊيفيسٽ ڇو ٿو ٿئي مثال امورٽس وڌن ٿيون جنهن جي ڪري گهريلو پيداوار ۾ گھٽتائي اچي ٿي ان ڪري ته امپورٽيڊ شيون اهي ٽيڪنيڪل شيون آهن جي اهي هڪ ٽرڪ يا ڪنٽينر ڪنهن ڪمپيوٽر يا آئي فون جو لهي ته اهو اسان جي سڄي اڪانومي يا پيدا ٿيندڙ شين جي هزارين ٽرڪين يا ڪنٽينرن جي برابر هوندو ان ڪري اسان وٽ جيڪي شيون پيدا ٿئي ٿي يا اسان وٽ ٺاهيون وڃن ٿيون انهن جي انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ڪا قيمت ناهي ان ڪري جو هڪ آئي فون جي قيمت ۽ اسان وٽان پيدا ٿيندڙ زرعي يا سبزي جون ڪي ئي ٽرڪيون يا ڪنٽينر ان ڪري ان ايڏي وڏي پيداواري يا ان بيلينسڊ زر جو مقابلو پوءِ ڪيئن ڪجي جو اسان جون پيدا ڪيل سوين ٽرڪون ۽ ڪنٽير ان هڪڙي ڪنٽينر جو پورائو نه ڪري سگهن ان ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو اڃان به وڌندو ڇو جو امپورٽس وڌنديون ٿيون وڃن يا اسان وٽ امپورٽيڊ شين جي استعمال جو رجحان گھٽجي نه ٿو رهندو ڪندو وڃي ٿو وڌندو ۽ ايڪسپورٽ جو اهو حال آ جو ڪير ديسي شيءِ استعمال نه ٿو ڪري ان ڪري جڏهن لوڪل شيءِ ٺهندي ڪا نه ته رزوگار جا وسيلا به پيدا نه ڪري سگهبا جڏهن روزگار جا وسيلا گھٽ هوندا ته عام ماڻهن جي روز جي ڪمائي به نه ٿيندي ۽ روز جي ڪمائي نه ٿيندي ته غربت اڃان وڌندي ۽ اهي سڀ شيون ٽوٽَلِٽي ۾ ملڪ جي معيشت ويهارينديون ۽ نتيجي ۾ ملڪ ڊفالٽ ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں