نوابشاھ(ڊ ر) پوري ملڪ جيان ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي آگاھي ريليون ڪڍيون ويون تفصيل موجب پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ اڄ ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي انھي سلسلي ۾ اڄ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري، ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد محمد يونس چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظيرآباد مير نادر علي ابڙو ۽ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ اڳواڻي ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب نواب شاھه تائين هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد صابر قريشي،ڊپٽي ڊائريڪٽرانفارميشن غلام عباس ڳوراهو، اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال احمد تنيو، تاجر اتحاد اڳواڻن سميت مختلف کاتن جي آفيسرن، سماجي تنظيمن جي نمائندن، صحافين، شهرين ،ڪاليج ۽ اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ڊي سي هاءِ اسڪول کان شروع ٿيل ريلي اسپتال روڊ، گول چڪري سميت شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي نواب شاھه پريس ڪلب پهتي ريلي ۾ شريڪ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ پڻ هئا جن تي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ مختلف نعرا درج ٿيل هئا. ريلي جي پڄاڻي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري، ڊي آئي جي محمد يونس چانڊيو،ڊپٽي ڊائريڪٽر انٽي ڪرپشن شهيد بينظيرآباد مير نادر علي ابڙو، ڊپٽي ڪمشنر شھريار گل ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ڪرپشن جي ڪري حقدارن کي پنهنجو حق ناهي ملي رهيو انهي لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي ڪرپشن ملڪ کي اوڏهي جيان کائي رهي آهي انهي ڪري نوجوانن کي ڪرپشن جي ڪري پيدا ٿيل خرابين بابت آگاهي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪاري عملدارن سان گڏوگڏ عوام کي پڻ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جئين ڪرپشن جو خاتمو ڪري عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري آڻي سگهجي ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرنادر علي ابڙو عوام کي اپيل ڪئي ته سندن جائز ڪمن لاءِ رشوت طلب ڪندڙ عملدارن خلاف پنهنجي شڪايت درخواست جي صورت ۾ کاتي جي ڪنهن به آفيس ۾ جمع ڪرائي ته جئين رشوت وٺندڙن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آڻي سگهجي.
