هنڱورجا: اغوا ٿيل پورھيت نوجوان عاشق حسين سولنگي 3 مھينا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيو

ھنڱورجا (ن س) ھنڱورجا جي ڳوٺ ملھيراڻي سولنگيءَ جو رھواسي اغوا ٿيل پورھيت نوجوان عاشق حسين سولنگي 3 مھينا گذرڻ باوجود اڃان تائين اغوا ڪندڙن جي قيد ۾  پوليس غريب پورھيت کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام سندس جي گھر ۾ ڪهرام متل غريب خاندان جي ڪنھن به مدد نه ڪئي. آءِ جي سنڌ کان بازيابيءَ لاءِ تحرڪ وٺڻ جي اپيل. تفصيلي خبر موجب تقريبن 3 مھينااڳ ڪراچي کان واپس ڳوٺ ايندي مبينه طورتي ڀنگ لاءِ اغوا ٿي ويل ڳوٺ ملھيراڻي سولنگي واسي پورھيت نوجوان عاشق حسين سولنگي اڃان سوڌو بازياب نه ٿي سگھيو آھي، جنھن ڪري سندس گھر ڀاتي سخت پريشاني جا شڪار آھن.  مغوي جي امڙ ممتاز خاتون سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي چيوته اسان انتھائي غريب آھيون ۽ پورھيو ڪري پيٽ پاليندا آھيون ۽ اغوا ڪندڙن جي 3 لک جي ڀنگ جي گھر پوري ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاھر آھي. ھنن چيو ته ايڏي واقعي باوجود ڊي آء جي سکر توڙي ايس ايس پي خيرپور سميت ڪنھن به اسان سان رابطو ناھي ڪيو ۽ مدد به ناھي ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں