ٿاڻو بولا خان ۾ زيتون جي پيداوار بابت تربيتي ورڪشاپ منعقد

ٿاڻوبولاخان (ن س) ٿاڻوبولاخان شريميتي ھاسي ٻائي ڌرم شالا ۾ ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل پاران زيتون جي پيدوارا بابت    تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾  زيتون (olive oil) جي پيداوار بابت آباگارن کي ڄاڻ ڏني ويئي ورڪشاپ ۾ ڪوھستان ٿاڻوبولاخان جي آبادگارن سماجي اڳواڻن صحافين شرڪت ڪئي جن کي ماھرن  طرفان زيتون جي پيدوار بابت مڪمل آگاھي ڏني ويئي تربيتي ورڪشاپ دوران ڳالھائيندي ڊاريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ذاڪر حسين ڏاھري ۔ڊپٽي پراجيڪٽ ڊاريڪٽر ڊاڪٽر اعظم علي اعواڻ پراجيڪٽ انچارج قاضي محمود علي سنيئر سائنسدان ڊاڪٽر عبدالغني سومرو سميت پاڪستان ايگريڪچر ڪائونسل ڪراچي جي سائنسدانن چيو ته زيتون جو ذڪر قران ڪريم ۾ آھي زيتون ۾ ڪيترن ئي بيمارين جو علاج آھي جنھن ۾ ڪينسر ھارٽ اٽيڪ شگر ٻيون بيماريون شامل آھن پاڪستان ۾ زيتون جي پيدوار وڌ کان ڪرڻ لا  اثرائتا قدم کڻي رھيا آھيون جيئن سڄي دنيا ۾ زيتون جو آئل وڪرو ڪري ملڪ جو فائدو ڪري سگھون ماھرن جو چوڻ ھو ته سائنسدانن جي ريسرچ ۾ خبر پئي آھي ته ڪوھستان تعلقي ٿاڻي بولاخان جي زمين ۽ آبھوا زيتون جي پيدوار لا تمام ڪارائتي آھي جنھن لا اسان ھي ورڪشاپ ڪوٺايو آھي ته آباگارن کي ڄاڻ ڏيون ته ھتي زيتون پوکي ان جي پيدوار ڪئي وڃي ماھرن جو چوڻ ھو ته پنجاب ۔خيبر پختون سنڌ ۔بلوچستان ۾ جيتري زيتون جي پيدوار وڌيڪ ٿيندي ملڪ جي زراعت لا ڪارآمد ٿيندو ماھرن جو چوڻ زيتون تمام بھترن پيدوار آھي جنھن جو ايڪڙ جي حساب سان ساليانو ڏھ لک روپين جو آئل نڪري سگھي ٿو آبادگار توڙي ھارين جو فائدو ٿيڻ سان گڏ ملڪ جو وڏو فائدو ٿيندو اسان  سڄي دنيا ۾  زيتون جو  آئل وڪڻي چڱو ناڻو ڪمائي سگھون ٿا  جنھن سان  ملڪ توڙي آبادگارن جو فائدو آھي ماھرن چيو ته ڪوھستان جي زمين وڏي زرخير آھي ھتان جا ماڻھو تمام مھمان نواز محبتي آھي ھتي اچي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي ھتي زيتون جي پيدوارا ٿيڻ سان  آبادگار پيرن تي بيھندو روزگار ۾ اضافو ٿيندو ورڪشاپ ۾ آبادگارن سھيل يوسف ميمڻ ۔نويد يوسف ميمڻ شھزاد ميمڻ  حاجي نثار پالاري حاجر مير پالاري  باسط ميمڻ نديم ميمڻ۔خالد پالاري ۔موٽيو خان پالاري ۔عبدالطيف ميمڻ ۔ماما عارف ميمڻ سھيل بشام ميمڻ شھمير خاصخيلي طفيل ميمڻ صابر حملاڻي ۽ ٻين مقامي زميندارن شرڪت ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں