ڪنڌڪوٽ(ڊ ر)ڪنڌڪوٽ گلشير محلي ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو نثار احمد شيخ قتل ٿي ويو.اهڙو واقعو ٿيڻ بعد پوليس جاءِ واردات تي پهتي ۽ نوجوان جو لاش کڻائي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد نوجوان جو لاش گهر منتقل ڪيو ويو نوجوان مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.اسپتال ۾ نوجوان مقتول نثار احمد شيخ جي امڙ زاروقطار روئيندي رهي ۽ انصاف جو مطالبو ڪندي رهي.نوجوان مقتول نثار شيخ جي ڀاءَ برڪت شيخ جو چوڻ هو ته ڀاءَ کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڀاءَ کي جوابدارن نياز،ظفر،فاروق،برڪت قتل ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي پوليس جو چوڻ هو ته ابتدائي معلومات موجب واقعو سڳاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي پوليس وڌيڪ معلومات وٺي رهي آهي.
