بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي تي سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ اين جي اوز آر ڊي ايف ۽ آئي آر سي جي تعاون سان ڳوٺ حيات خاصخيلي ۾ ٻوڏ متاثرين سان گڏ ملھايو ويو ٻارڙن ۽ عورتن لا۽ جوڙيل محفوظ جڳھ تي منعقد ٿيل تقريب ۾ خيالن جو اظھار ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر بدين عبدالغفار کوسو چيو ته محروم ۽ محڪوم طبقن خاص طور عورتن، ٻارڙن، غريبن، خاص صلاحيتن وارن فردن ۽ اقليتي طبقن جي حقن کي يقيني بنائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آھي. ھن چيو ته وقت جي ضرورت آھي ته ٻارڙن جي تعليمي حق کي يقيني بنائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن. ھن تقريب ۾ موجود عورتن تي زور ڀريو ته ھو پنھنجي پٽن توڙي نياڻين کي برابر حيثيت ڏين ۽ نياڻين کي به تعليم جي زيور سان نوازين. عبدالغفار کوسي چيو ته تعليم جي ذريعي ئي حقن جي ڄاڻ ملندي. ھن چيو ته عورتن جي حقن کي پائمال ڪندڙ سماجي ريتن رسمن جو خاتمو به علم جي ڦھلاء ذريعي ممڪن آھي. ھن چيو ته اسان جي سماج ۾ خاص طور ٻھراڙي جو عورتون ڪيترين سماجي ستم ظرين جو شڪار ٿين ٿيون ڪارو ڪاري, سڱ چٽي, ننڍي ڄمار جي شادي, ذبردستي جي شادي, جنسي تشدد, جسماني ۽ ذھني ايذاء عورتن سان ٿيندڙ ناحق ۽ ويڌن جا چند اھم مثال آھن جن جي خاتمي لاء سڀني باشعور ماڻھن کي اڳتي اچڻ گھرجي. ھن چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي حفاظت لاءِ حڪومت جا ادارا موجود آھن, شھرين کي کپي ته انھن ادارن جي مدد حاصل ڪن. ھن چيو ته ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ڀرپور ڪوششون ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي, جسماني ۽ ذھني تشدد يا ڪنھن ٻي ناانصافي خلاف اٿارٽي جي ھيلپ لاءين 1121 تي رابطو ڪرڻ گھرجي. تقريب جي موقعي تي ڳالھ آئيندي آر ڊي ايف جي پروجيڪٽ مينيجر ڪاشف قريشي چيو ته سندن اداري ٻوڏ متاثر ڪميونٽي جي ٻارڙن ۽ عورتن جي حفاظت ۽ تربيت خاطر محفوظ جڳھيون قائم ڪيون آھن جتي تعليم ۽ تربيت سان گڏ ھنر پڻ سيکاريا وڃن ٿا. ھن چيو ته عورتون سجاڳ ۽ ھنرمند ٿينديون تڏھن ئي سندن حق محفوظ ٿي سگھندا. سماجي ورڪر اسلم ملڪاڻي چيو ت پروگرام ۾ شريڪ عورتون عھد ڪري پنھنجن سڀني ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائين. تقريب جي موقعي تي پروجيڪٽ مينيجر ثناءالله لغاري, زليخا انصاري, خالده ڪھيري, اقرا , رافعا ۽ اقصا پڻ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. آخر ۾ عورتن ۾ ڊگنٽي/ھائيجين ڪٽون ورھايون ويون ۽ خاص صلاحيتن واري فرد زاھد کي ويل چيئر ڏني وئي.
