برطانيه جي عدالتن بي ڏوهي قرار ڏنو، ڊيلي ميل جي معافي کان پوءِ عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي: نوازشريف

لنڊن (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته برطانيا جي سڀ کان وڏي اخبار ڊيلي ميل شهباز شريف جي خلاف ثبوت نه هجڻ تي معافي گھري آهي، ڪنهن جي معصوميت ۽ بيگناهي جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت آهي؟. لنڊن ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عمران خان جي مرضي تي شهزاد اڪبر شهباز شريف تي ڪوڙا الزام مڙهيا، ان الزامن تي برطانيا جي سڀ کان وڏي اخبار ڊيلي ميل ثبوت نه هجڻ تي معافي ورتي آهي، مني لانڊرنگ، ڪرپشن، ڪميشن، ڪڪ بيڪس جهڙا شهباز شريف تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، نيشنل ڪرائم ايجنسي الزامن جي جاچ ڪري شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته برطانيا ۾ نه پي ايم ايل اين جي حڪومت آهي ۽ نه پي ٽي آءِ جي، برطانيا آزاد جمهوري ملڪ آهي جتي عوام جي حڪمراني آهي، اهو ملڪ اهو چئي رهيو آهي ته سندن ملڪ جي اخبار معافي ورتي آهي، ڪنهن جي معصوميت ۽ بيگناهي جو ان کان وڏو ثبوت ڪهڙو هجي؟ ڊيلي ميل جي معافي کان پوءِ عمران خان، سندس پارٽي ۽ شهزاد اڪبر کي پنهنجي ڪنڌ شرم وچان جهڪائڻ گھرجي، اهي سڀ ملڪ کان ٻاهر ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيا. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جسٽس شوڪت صديقي ۽ جج ارشد ملڪ ڇا چئي ويا، ثاقب نثار جون آڊيو ليڪس ٿيون، اهي سڀ اسان جي بيگناهي جو ثبوت آهن، مريم نواز جي حق ۾ فيصلو به ثبوت نه هجڻ جي ڪري آيو، عمران خان تي ڪرپشن جا الزام ناهن پر ثابت ٿيل ڪرپشن آهي، ٻچي ٻچي جي زبان تي توشا خانا چوري جا قصا آهن، مٿي کان پيرن تائين ڪرپشن ۾ ملوث شخص هنن تي الزام لڳائي رهيو آهي جن کي برطانيا جي عدالتن ۽ اتان جي حڪومتن کان بيگناهي جا ثبوت مليا، پاڪستاني قوم کي انهن سڀني شين کي غور سان سمجهڻ گھرجي. نواز شريف چيو ته اسان تي ته مفت ۾ ڪيس ٺهندا رهيا ۽ مفت ۾ جلاوطن ڪيو ويو، مون تي ته هاءِ چيڪنگ جو ڪيس به ٺاهيو ويو، پٽ کان پگھار نه وٺڻ تي مون کي نااهل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو اڄ اهو حشر ڪيو ويو آهي جو غريب پنهنجن ٻچن جو پيٽ به نٿو پالي سگھي، 2017ع ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، ان وقت کاڌي پيتي جي شين جا اگھه ڇا هئا، اٽو ۽ دال ڪيتري جو هو، بجلي ڪيتري سستي هئي. اسان اُهي آهيون جن بجلي جي کوٽ کي پورو ڪيو، اسان اُهي آهيون جن پاڪستان جي معيشت کي ترقي ڏني، هر شعبي ۾ اسان جون خدمتون قوم جي آڏو آهن، اڃا به ڪو نٿو سمجهي ته پوءِ ڪيئن سمجهايو وڃي. (ن) ليگ جي قائد وڌيڪ چيو ته ڪنهن هڪ رٿا جو نالو ٻڌايو جنهن جو بنياد عمران خان رکيو؟ ڪو هڪ منصوبو ٻڌايو جيڪو اِهي فخر سان چئي سگھن ته اهو منصوبو اسان شروع ڪيو ۽ مڪمل ڪيو، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ميٽرو ٺاهي اها به فالٽي ۽ اربين رپيا خرچ ٿيا ۽ نيب ڪيس به بڻجي ويو، بلين ٽري ۽ القادر ٽرسٽ جا جڏهن تفصيل سامهون آيا ته هوش اڏي ويندا ، اها 50 اربن جي ڪرپشن آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں