خيرپور ۾ نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

خيرپور (ڊ  ر ) پريس ڪلب خيرپور  ۾ احتجاج  ڪندي مسمات فرزانه ، آسيه ، عظيمه خاتون ، سچل، عظيم خان، محمد ياسين مرکنڊ ۽ ٻين چيو ته روزگار لاءِ ڪراچي ويل نوجوان درزي غفار مرکنڊ  کي 10نومبر تي صبح جو  ڪراچي ڪورنگي بلال ڪالوني مان نامعلوم نقاب پوشن هٿان کنڀجي ويو هو، درزي غفار مرکنڊ جي بازيابي لاءِ دانهي رهيا آهيون پر ڪو به تدارڪ نٿيو آهي،  هنن چيو ته غفار مرکنڊ  سيلاب جي ڪري بيروزگاري کان تنگ ٿي ڪراچي مزدوري لاء آيل هو جنهن کي بيگناه کنڀي گم ڪيو ويو آهي اڄ 27 ڏينهن گذرڻ بعد به ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ کان پوء به ڪو جائز نوٽيس نه ورتو ويو آ نه ڪٿان ڪو پتو پئجي سگهيو آ  سندن وڌيڪ چوڻ هو ته کنڀي گم ڪيل غفار اڪيلو ڪمائي گهر جو چرخو هلائيندڙ هڪ غريب مزدور آهي سندس کي معصو ٻچڙا ۽ ڪراڙي امڙ آھي جيڪي پريشاني جي عالم ۾ ورتل آهن سندس ڪراڙي امڙ کي نوجوان پٽ جي پريشاني سبب ڏينهن ۾2  3 دفعا بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آهن وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نوجوان آزاد ڪري اسان جي تقليف ختم ڪئي وڃي انهن چيو ته اسين سڀني وس وارن ۽ آء جي سنڌ ڊي آء جي ڪراچي ڊي جي رينجرز ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن کي پرزور اپيل ٿا ڪيون ته اسان جو بي ڏوهي نوجوان ظاهر ڪري آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں