دڙو ۾ سنڌ ڪلچرل فورم پاران زرعي تربيتي ادارو قائم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

دڙو (ن س) دڙي ۾ سنڌ ڪلچرل فورم پاران زرعي تربيتي ادارو قائم نہ ڪرڻ خلاف احتجاج، جسقم، عوامي تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن جي شرڪت، سجاول، ٺٽو، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ زرعي ٽريننگ جو ادارو قائم نہ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌ ڪلچرل فورم پاران صادق لاکو ۽ مرتضيٰ اوٺو جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ کان پنڃاري پل چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ ڪلچرل ونگ جي چيئرمين صادق لاکو، مرتضيٰ اوٺو، انور ملاح، عرس اوٺو، عزيز ميمڻ، انور خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪلب دڙو جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙ وارن علائقن ۾ زرعي تربيتي ادارو قائم نہ ڪرڻ سبب مالوند ماڻھو ۽ انھن جو اولاد مذڪورہ سھولت کان محروم مڪمل طور تي اڻڄاڻ آھي، زرعي تربيتي ادارو قائم ٿيڻ سان لاڙ خطي جي هارين ۽ مالوندن جي اولاد  کي جديد زرعي تعليم سان گڏ جانورن جي پالنا جي سکيا سان گڏ کين روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا، ھنن مطالبو ڪيو تہ سجاول ضلعي ۾ زرعي ۽ لائيوو اسٽاڪ سکيا سينٽر قائم ڪيو وڃي جيئن آبادگار ۽ مالوند فائدو حاصل ڪري سگهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں