سامارو(ن س) سامارو پريس ڪلب جي صحافين جو سب ڊويزن سامارو جي مقرر ايس ڊي او مولا بخش لغاري ۽ سندس عملي خلاف پريس ڪلب سامارو جي صدر خان محمد خاصخيلي کي مسلسل پاڻي نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري جي صدر پريس ڪلب سامارو خان محمد خاصخيلي، ڪيول سورماڻي، جئپال مالھي، علي محمد شيدي، مجاھد قائم خاني، محمد رفيق، روشن بھراڻي، ناز فقير شاھاڻي ۽ ٻين اڳواڻي ڪندي چيو ته آبپاشي سامارو سب ڊويزن جي ايس ڊي او مولا بخش لغاري ۽ سندس عملي سامارو ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو آهي، پوکي جي وقتن تي رشوت نه ڏيندڙ ننڍن آبادگارن کي مسلسل پاڻي نٿو ڏنو وڃي، آبپاشي ايس ڊي او ۽ عملو پاڻي جا وارا ماري واٽرڪورسن تي ڀتو وصول ڪرڻ لاء واٽر ڪورسن کي دڪا لڳائي ڇڏيا آھن، پئسا ڏيندڙ آبادگارن کي پائيپ ۽ شاخن تي ڳنڍا ڏياري پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، اسان ڪلاڪين جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي، حاليه ٻوڏ سبب سامارو جي ھزارين ايڪڙ زمينن ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي موجود آهي پر ڪجھ زمين تي پوکي ٿيل فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪن پيا. ھوڏانھن ٻئي پاسي ڇَتا شاخ سامارو جي آبادگارن سارنگ خاصخيلي، لال محمد خاصخيلي، مھراب خاصخيلي، مشاھد ۽ ٻين پڻ آبپاشي ايس ڊي او مولا بخش لغاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سامارو آبپاشي سب ڊويزن سامارو آبپاشي ايس ڊي او مولا بخش لغاري ۽ مٺڙائو ڪئنال سميت سب ڊويزن جي سمورين شاخن جي واٽر ڪورسن تي غير قانوني وڏا دڪائي لڳائي لاکين روپين جون منٿليون مقرر ڪري ويٺا آھن، آبادگارن جا پاڻي جا وارا ماري پائيپن ۽ شاخن جي واٽر ڪورسن تي ڳنڍا ڏياري پاڻي وڪرو ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته ڇتان شاخ تي اسان جو جمع ڏينھن تي پاڻي جو وارو آھي، گذريل ڳچ سالن کان رشوت نه ڏيڻ تي اسان جي پاڻي جا وارا ماري زمينون بنجر ڪري معاشي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي گذريل ھفتي شاخ واري ۾ ھلي پئي ته خميس جو شاخ کي بند ڪري وري ڇنڇر تي کولي ڇڏي اسان جا پاڻي جا وارا مارڻ سان چيٽ جا پوکي ڪيل فصل سڪي رھيا آھن، پاڻي نه ملڻ ڪري پوکي نه ڪري سگھيا آھيون ھنن چيو ته ڇتان شاخ تي مختلف آبادگارن کان رشوت وٺي پائيپ ھڻائي ڳنڍا ڏياري اسان ڪلاڪين جو پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي گذريل ڳچ عرصي کان اسان جون زمينون بنجر ڪري معاشي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي برساتي ٻوڏن ۾ آبپاشي ايس ڊي او ۽ عملو شاخ کي گھارا ھڻائي ٻوڙائي ٿو وري زرعي پاڻي جي ضرورتن تي سُڪائي ڇڏي ٿو ھنن چيو ته مٺڙائو ڪئنال جي ڊائريڪٽ واٽر ڪورسن ۽ شاخن جي واٽرڪورسن تي 2 کان اڍائي لک روپيا ڀتي جي ڦوڙھي مقرر ٿيل آھي، انھي کان علاوه پائيپن تي في ڪلاڪ 500 روپيا ۽ شاخن تي ڳنڍن جي 20 کان 25000ھزار روپيا رشوت وٺي پاڻي وڪرو ٿيندو رھيو آھي اسان ڪلاڪيا ننڍا غريب آبادگار آھيون اسان وٽ ايڏي وڏي رقم جي سگھ ناھي جو پئسا ڏئي پاڻي خريدي زمينون آباد ڪري سگھون ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي راشي ڪرپٽ ايس ڊي او آبپاشي سامارو مولا بخش لغاري ننڍن آبادگارن جو پاڻي وڪرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي پاڻي ڏياري زمينون بنجر ٿيڻ ۽ معاشي ڪنگالي کان بچايو وڃي.
