سِنِڌُ امڙ جو صالحُ پُٽُ

معشوق ڌاريجو
صالحُ بِلو سِنِڌُ امڙ جو اھو صالحُ پُٽُ ھو، جنھن جو اوچتو وڇوڙو اَڻَ ڳَڻِيون اکيون آليون ڪري ويو آھي. سومر ويھه ڊسمبر ٻه ھزار ايڪيھه تي صبح جو سَويرَ مير بيتاب پريي جي موبائيل ڪال آئي. پنھنجي اخبار ۾ ڇپيل ڪالم جو ٻُڌايائين ۽ چيائين ته: ”يارَ! بِلو صاحب به گذاري ويو!“ مون کان دانھن نڪري وئي؛ ”اڙي! ڪڏھن!؟“ چيائين؛ ”خبر ئي ڪانھي تو کي!؟“ چيم؛ ”نه يارَ! مون کي خبر ئي ڪانھي، نه ته تدفين ۾ وڃان ھا.“ کيس ٻڌايم ته؛ ”منھجو ايندڙ ڪالم بِلو صاحب تي ھُجي ھا.“ ھا منھنجو ھي ڪالم جيڪو مون اڌ لکي به ڇڏيو ھو، سو بِلو صاحب تي ھُجي ھا. مون ته کيس جيئري ڀيٽا ڏيڻ ٿي چاھي، پَرَ افسوس جو مون دير ڪئي….!! پنھنجي اخبار جي آخري صفحي تي مٿان مٿان ٻه ڪالمي خبر ۾ لکيل آھي ته: ”ناليوارو صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ صالح بلو لاڏاڻو ڪري ويو.“ ھيٺان صالح جي تصوير آھي. ساڳي سنڌي ٽوپي، چشمو پاتل، ڳچيءَ ۾ مفلر، ڪارو ڌاڳو، قميص مٿان جَرِسي، ساڳيو شانُ شوڪت ۽ اکين ۾ مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي خوشحاليءَ جو خواب ۽ اڻٽر عزم.
بَلوءَ جھڙا پُٽَ مائرون ورلي ڄڻينديون آھن. صالحُ پنھنجي جيجل جي ٿَڃُ ملھائي، اَبي ۽ اَمڙ جي رکيل نالي جو ڀرم رکندي پاڻ کي آخري دم تائين صالحُ پُٽُ ثابت ڪيو. سڄي ڄمار کاٻي ڌر ۽ ھاري ڪاميٽيءَ سان پاڻ کي سلھاڙي، ھن پنھنجي سخن ۽ سچائيءَ جو جيڪو ثبوت ڏنو آھي، ان کي مظلومن ۽ محڪومن جا حامي ۽ حمايتي ھڪ حوالي طور ھميشه ياد رکندا.
ڪي ڪي اتفاق به ڏاڍا عجيب ٿيندا آھن. جيئن صالحُ بِلو پورھيتن ۽ ھارين جو اڳواڻ ھو، تيئن ھن جو جنم به پھرين مئي اڻويهه سو اڻونجاھه ۾، پورھيتن جي عالمي ڏينھن تي ٿيو ھو. محمد صالح ولد احمد خان مِٺاڻي بلوچ کي ننڍپڻ ۾ گهر وارا بِلو سڏيندا ھئا. انڪري ھن ان پِيارَ جي نالي کي پنھنجي نالي سان جوڙي ڇڏيو.
سنڌ جي مھان مِٽيءَ مان جنم وٺندڙ ھن سنھڙي، سيپڪڙي، جسماني طور ڏٻري، ٿڪل ۽ بظاھر ھيڻي پَرَ پنھنجي سوچَ ۽ جذبن ۾ ٻيڻي ھمراھَه سان منھنجي شناسائي ھاءِ اسڪول واري زماني ۾ ٿي ھئي. مون کي ياد ٿو اچي ته اسان ڪجھه دوست سندس غريب آباد واري گهر جي اوطاق واري ڪمري ۾ گڏ ٿيا ھئاسين. ان کان پوءِ جڏھن آئون سنڌي ادبي سنگت ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيس ۽ ضلعي نواب شاھه جو پھريون آئيني ۽ چونڊيل ضلعي رابطا سيڪريٽري ٿيس ته نواب شاھه جي پروگرامن ۾ جام شرڪت ڪرڻ لڳس، ته ھي پروگرامن جي جان ھوندو ھو. وَسيم، سارنگ، فَياض، ضَراب، سميت سڀ دوست ھن جو وڏو احترام ڪندا ھئا. ڪجهھ دوست کيس استاد ڪري سڏيندا ھئا. اڪثر ڪري ھي ۽ نور احمد چنڙ ته ڄڻ ٽچ بٽڻ ھوندا ھئا. چرچا گَهٻا ڀوڳَ ٺاٺا وڏو مزو ھوندو ھو.
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال جا پروگرام ھجن يا پريس ڪلب جا، نيشنل سينٽر جا يا ڊي سي اسڪول جا ھي ٻئي انھن پروگرامن جي جان ھوندا ھئا. صالح جا ٽھڪ ڏاڍا سدا بھار ھوندا ھئا. نواب شاھه جي ھر محفل صالح بلوءَ ۽ نور احمد چنڙ کان سواءِ ٻُسي ٻُسي ۽ بي رنگ لڳندي ھئي. اڳتي ھلي جڏھن سنڌ اخبار شروع ٿي ته سندس ڪالم ڀيڙ تي ڏونڪو ثابت ٿيا. ڀَلي خانُ، خانَ جو پُٽُ ھُجي پَرَ صالح بلوءَ جي وَرِ چڙھيو ته ڏيرُ ٿي ويندو. ھن جي بي باڪيءَ ۽ سچائيءَ جا انيڪ مثال موجود آھن جن کي ترتيب ڏئي سندس شاندار سوانح حيات لکي سگهجي ٿي. صالحُ بلِو سينيئر سياسي ورڪر، صحافي ۽ سماج سڌارڪ ھو. صاف شفاف ۽ اڇي اجري ڪردار جو مالڪ صالحُ بِلو وڏو مھمان نواز رھيو آھي. منھنجو دوست اسرار لانگاھ ته سندس مھمان نوازيءَ جا انيڪ داستان بيان ڪندو آھي.
ھن جي دوستيءَ جو وڏو حلقو ھو. جن ۾ شھيد نظير عباسي، ڄام ساقي، رئيس بروھي، انور پيرزادو، گلاب پيرزادو، غلام حسين شر، امداد چانڊيو، سرور چانڊيو، ايڊوڪيٽ سيد رشيد احمد، قاضي فيض محمد، محمد بخش ڌامراهه، منظور احمد قريشي، اسرار لانگاھه، پير بخش لانگاھه، ڪامريڊ غلام رسول سھتو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، صفت رند، مھيش ڪمار، پير شھاب، الھه بخش ڀنڀرو، سڄڻ رند، غلام رسول زرداري، بھادر ڪلوئي، پانڌي خان جمالي، عبداش پنھور، مراد چانڊيو، خادم چانڊيو، شاھنواز چنڙ ۽ ٻيا شامل ھئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو المعروف ڊاڪٽر خيرل، جڏھن به پنھنجي ڳوٺ مير محمد جوڻي ۾ ايندو ھو ته صالحُ بِلو ضرور وٽس ايندو ھو يا ڪا فوتگي ٿيندي ھئي ته به ھي پھچي ويندو ھو. استاد رحيم بخش لاکو به پيو ساڻس ڀوڳڙا ڪندو ھو ۽ پنھنجي دل وندرائيندو ھو. صالح بلوءَ جو سونارڪو دڪان موني بازار نواب شاھه ۾، ڪپڙي مارڪيٽ جي سامھون اڄ به موجود آھي.
جيڪو سندس دوستن لاءِ، سندن پناھه گاھه وانگر ھو. ھن دڪان جي ڀر ۾ ھڪڙو ننڍڙو ڪارنر ڪتابن جو به آھي. جيڪو ڪمائيءَ لاءِ نه پر شعور جي ڦھلاءَ لاءِ قائم ڪيائين. صالحُ بِلو ھڪڙو مستقل مزاج ۽ ڪميٽيڊ سياسي ورڪر ھو. ھن پندرنھن وار سنڌ گرين اخبار، ٻه ھزار ھڪ ۾ جاري ڪئي ۽ آخري پساھن تائين ان کي جاري رکيائين. سندس ٽيجهي واري ڏينھن ڪنھن دوست جي ھٿ ۾ ھڪ پلاسٽڪ جي ٿيلھي ھئي، جنھن ۾ مختلف ماڻھن ۽ ادارن کي موڪلڻ لاءِ سنڌ گرين جون ڪاپيون ھيون جن کي ويڙھي پِنَ ھَڻي، ٽِڪليون ھَڻي ريل ۽ پوسٽ رستي موڪلڻ لاءِ تيار ڪري رکيو ھيائين. جن مٿان سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏَسُ پَتا لکيل ھئا. آءُ سندس نفاست ۽ ڪم جي سليقي کي ڏسي دنگ رھجي ويس. سنڌ گرين جي آخري شماري ۾ به سندس مضمون ڇپيل آھي. صالح بِلوءَ جو ڳوٺ نواب شاھه جي ھَوائي اَڏي جي ڀَرِ سان لڳو لڳ آھي. ھن ننڍي ھوندي کان ئي جھازن جي پرواز ڏٺي ھئي. شايد ھن جھازن جي ان پرواز کي ڏسي ئي پنھنجي ذھن ۾ اھڙي پرواز رکي ھجي. جيڪا کيس عقابن جي اڏار کان به اوچو وٺي وئي. ان حوالي سان حسن درس جون سٽون آھن ته:
”اڏامن کان اڳتي اڪرندي حَسَنَ،
پکين کان پُڇاڻو ڪَجي دل ڏِجي.“
۽ صالحُ بِلو پکين جي اڏامن کان به اڳتي اُڪِري، ديسَ ۽ دنيا جي درد وندن کي دل ڏئي چُڪو ھو. اسان سدائين کيس اوچي ڳاٽ ڏٺو ھو. صالح بِلوءَ جيئن پنھنجي سفر کي شروع ڪيو، تيئن ھو ڪٿي به نه رڪيو ۽ بنا ڪنھن ساھي جي جاکوڙيندو رھيو. ھن اياز شيخ جي آتم ڪٿائي عنوان ´ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر` جيان، پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪٿي به ٿڪ نه ڀَڳو ۽ سڄي عمر ڏورَڻَ جو ڏس ڏيندي ڀٽائيءَ جي بيتَ جو پيغامُ بڻيو ته
”جيسيين ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀون پيٺي، ساريندي سڄڻين.“
صالح بِلوءَ جا ڪالم محفوظ آھن، الائي نه!؟ پَرَ اڏوھيءَ جي وَرِ چڙھي وڃڻ کان اڳ ۾، انھن جو ڪتابي صورت ۾ اچڻ اشد ضروري آھي. آچر اڻيھه ڊسمبر ٻه ھزار ايڪيھه عيسويءَ جي صبح تي وڇڙي ويل سنڌ جي ھن آدرشي سياسي، سماجي ورڪر ۽ صحافيءَ جو ڪم ۽ ڪردار اسان لاءِ اتساھه جي علامت بڻجي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں