لاڙڪاڻي ۾ ڪجھ مھينا اڳ شروع ٿيل پيپلز بس مٿان مبينا فائرنگ، ٻه ڄڻا گرفتار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد ابوبڪر قبرستان ڀرسان الله والي پل تي پيپلز بس مٿان مبينا فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي م بس جو شيشو ٽٽي پيو ان دوران مسافرن ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو جڏهن ته واقعي ۾ ڪو به جاني نه ٿيو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي سان گڏ ون فائيو مددگار بيس جي اهلڪارن موقعي تي پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان حوالي سان بس جي ڊرائيور حاڪم علي بروهي ٻڌايو ته اسان الھ آباد نانگي شاهه وٽان مسافر کڻي باقراڻي ٽاور تا ٻيا مسافر کڻي الله والي پل تي جيئن ئي چڙهاسين ته ابوبڪر مقام واري پاسي کان فائر ٿيو جيڪو ڪلينڊر سائيڊ لڳل اي سي کي اچي لڳو ته شيشو ٽٽڻ سبب مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو اهڙو اطلاع فوري طور تي ون فائي مددگار بيس ۽ الھ آباد ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو. هن وڌيڪ ٻڌايو اڳ به بس سروس کي سروٽا لڳا آهن ٻين ڊرائيورن ٻڌايو آهي اسان سمجهيوسين ته ٻارن جي ڪا حرڪت آهي جيڪي سروٽا هڻندا آهن اچي گاڏي کي لڳن ٿا. ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي بعد ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان ڄاڻايو آهي ته پيپلز بس نانگو شاهه وٽان مسافرن کي کڻي باقراڻي روڊ ابوبڪر قبرستان ڏانهن وڃي رھي هئي ته 10 لڳي 50 منٽن تي الله والي پل وٽ بس جو شيشو ڪنهن گولي يا پٿر لڳڻ سبب زوردار آواز سان ٽٽي پيو جنهن ۾ هن وقت تائين ڪو به جاني نقصان يا ڪو ماڻهو زخمي ناهي ٿيو، اطلاع تي پوليس موقعي تي پهتي ۽ تفصيل معلوم ڪيا. هن ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ڪنهن تيز ڌار شيءَ جيڪا پٿر يا گولي ٿي سگهي ٿي جي لڳڻ سان بس جي دريءَ جو شيشو ٽٽي پيو، وڌيڪ آسپاس مان ڪو به خول برآمد ناهي ٿيو تنهن ڪري جاچ ۾ بس جو شيشو فائرنگ يا پٿر لڳڻ وارن ٻنهي معاملن جو جائزو وٺي رهيا آهيون معاملي جي مڪمل جاچ لاءِ اي ايس پي سٽي جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي تمام جلد واقعي جي تهه تائين پهچي وينداسين. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں