معروف ڪاروباري سماجي شخصيت منصور اڪبر ف ليگ ۾ شامل

ڪراچي ( بيورو رپورٽ ) معروف ڪاروباري سماجي شخصيت منصور اڪبر پنھنجن پٽن محمد احمد اڪبر،سھيل خان خٽڪ سان گڏ  فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان ملاقات ڪري فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ،ان موقعي تي سردار عبدالرحيم فنڪشنل ليگ ۾ شموليت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ت پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي عوام کي ڏکن تڪليفن کان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي ،15 سالن کان سنڌ جي اقتدار تي قابض زرداري ليگ سنڌ جي عوام کي ڏکن ء تڪليفن کانسواءِ ڪجھ ب ناھي ڏنو،اڄ ب سنڌ جا لکين ماڻھون ٻوڏ جي پاڻي م ڦاٿل آهن ،اربين رپين جي امداد ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪرڻ بجاء ھڙپ ڪئي وئي آهي، سخت سردي م خوشحال سنڌ جا بدحال ماڻھون کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں