فياض چنڊ ڪليري
ڳڀو پاڻي ڍڪ سين، جي تون ٻوڙي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مُور نه جهڪائين،
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻين ٿي وڃي.
اڄ نواب شاهه جون هوائون، ويڪرا رستا ۽ وجود ۾ ڪنبڻيون پيدا ڪندڙ سرد موسم هوندي اکين منجهان اداسي جا ٽانڊا اڇلجي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته نواب شاهه شهر جيڪو ڪنهن زماني ۾ هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر خلاف جهڙيندڙ “باغين جو شهر” ليکيو ويندو هو، ۷۰ ۽ ۸۰ وارن ڏهاڪن تائين هن شهر ۾ جڏهن به وقت جا حاڪم يا ڪامورا غريب ۽ مسڪين عوام جي مفادن جي ابتڙ ڪو نادري حڪم جاري ڪندا هئا ته ان دور جا باغي ايڏي ته طاقت ۽ سگهه رکندا هئا جو هڪڙي ڪال تي سمورو شهر بند ٿي ويندو هو ۽ ڪرفيو جهڙو سماع محسوس ٿيندو هو، سيد رشيد احمد شاهه ايڊووڪيٽ، قاضي فيض محمد ۽ انهن جا دوست، ساٿي اهڙي باغياڻي سگهه رکندڙ هئا ۽ انهن خوددار ماڻهن جي لاڏاڻي کانپوءِ هن شهر ۾ هو اڪيلو ئي باغي رهجي ويو هو جنهن کي نواب شاهه سميت سڄي سنڌ ڪامريڊ محمد صالح بلو جي نالي سان سڃاڻيندي هئي.
بلو جو لقب کيس سندس نظرياتي استاد قاضي فيض محمد انهن ڏينهن ۾ ڏنو هو جڏهن هو کاٻي ڌر ۾ تمام گهڻو متحرڪ هوندو هيو ۽ هاري تحريڪ جي اڳواڻي ڪندو هيو. ان زماني ۾ قاضي فيض محمد، ڄام ساقي کي ”مولوي“ ۽ محمد صالح کي ”بلو“ جو لقب ڏنو هو ته جيئن سرڪار ۽ سرڪار جا واٺا ۽ لاٺڙيا هنن باغين کي پنهنجي پنجوڙ ۾ ڦاسائي نه سگهن. محمد صالح بلو، نواب شاهه جي هڪ زميندار ۽ سونارڪي ڪرت رکندڙ گهراڻي ۾ ماضي جي هڪ امير ترين شخص احمد خان مٺياڻي جي گهر ۾ ۱۹۴۹ ڌاري، شهر جي اوائلي پاڙي غريب آباد ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نواب شاهه شهر ۾ اوائلي دور ۾ “زميندار جيوئلرز” جي نالي سان سونارڪو دوڪان هوندو هيو (جيڪو موجوده دور ۾ سندس فرزند سينئر صحافي نبي بخش بلوچ) سنڀالي رهيو آهي. انهيءَ سونارڪي دوڪان تان سونارڪي ڪرت سکي موجوده دور جا ڪيئي ڪروڙ پتي سونارا پنهنجا ڌار دوڪان کولي شهر ۾ موجود آهن، محمد صالح بلو جي سياسي زندگي جي شروعات ۱۹۶۰ واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي همعصر دوستن ڪامريڊ صفت رند، ڪامريڊ امداد چانڊيو، ڪامريڊ غلام سرور چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي شاگرد سياست سان ڪئي، هي دور ايوب جي خطرناڪ مارشلا جو دور هيو جڏهن زبانن ۽ تخيل تي تالا لڳل هيا ان جي باوجود ڪامريڊ صالح بلو پنهنجي دوستن سان وڏي بهادري ۽ خودداري سان سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جنهن کان ٿورو عرصو پوءِ هو کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙجي ويو ۽ شهيد نذير عباسي، ڄام ساقي، پروفيسر اعزاز نظير، پروفيسر جمال نقوي، ايڊووڪيٽ شبير شر، ڪامريڊ حسن عسڪري ۽ ان دور ۾ ٻين اعليٰ پائي جي ڪميونسٽن سان گڏجي اميري ۽ غريبي جو فرق ختم ڪرڻ، برابري وارو جهان قائم ڪرڻ جهڙي ڏکي سياست ۾ پير پاتو ۽ هتي نواب شاهه ۾ سندس همعصر ساٿين ۽ سينيئرن ۾ سيد رشيد احمد شاهه، قاضي خالق، ڪامريڊ امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي، احمد خان جمالي، نور احمد چنڙ، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ صفت رند، علي حسن چانڊيو، ادريس جتوئي، امير حمزو انڙ، سارنگ سهتو ۽ ٻيا دوست هيا، جن سان صالح بلو، نظرياتي جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌ اندر هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ سان سلهاڙجي ويو ۽ سندس اندر ڪامريڊ صالح بلو ۽ ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي جوڙي مور پکين جي جوڙي وانگر مشهور هوندي هئي.
سنڌ اندر ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جن ماڻهن نواب شاهه مان پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪئي ڪامريڊ صالح بلو به انهن مان هڪ هيو هن پنهنجي نوجوانيءَ جون ڪيئي حسين شامون، راتيون ۽ پرهون نظرياتي سياست جي پاداش ۾ سکر سينٽرل جيل سميت سنڌ جي مختلف جيلن ۾ گذاريون، ڪامريڊ محمد صالح بلو پنهنجي سياست جي عروج وارن ڏهاڙن ۾ سڄي سنڌ جي ڳوٺن واهن، وستين کان سواءِ اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ سياسي جلسن، جلوسن، هاري ڪنوينشنن ۾ شرڪت ۾ گذاريون، نواب شاهه ۾ ان زماني ۾ هڪ طرف سيد رشيد احمد ايڊووڪيٽ جي آفيس نماءُ اوطلاق هوندي هئي جتي ضلعي جا ڪامريڊ، شاعر، اديب ۽ عاشق جمع ٿيندا هئا ته ٻئي طرف غريب آباد واري علائقي ۾ ڪامريڊ صالح بلو جي اوطاق ان دور جي سرڦرين، باغين، ڪامريڊن، شاعرن ۽ دانشورن لاءِ پناهه گاهه بڻيل هوندي هئي جتي پاڪستان جا چوٽي جا سياستدان، غوث بخش بزنجو، قاضي فيض محمد، شهيد نذير عباسي، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، عزيز ڪينجهرائي، صوفي حضور بخش سميت اڪثر نالي چڙهيا قوم پرست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ هفتن جا هفتا رهيا پيا هوندا هئا، صالح بلو ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ عام چونڊن دوران صوبائي اسمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو هو، مخالفن پاران هٿن کڻڻ لاءِ سندس مٿان تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو، کيس لالچون ۽ آڇون ڏنيون ويون پر صالح بلو ڪنهن ٻي مٽي ۽ مزاج جو ماڻهو هو، هن سموريون آڇون ۽ لالچون ٿُڏي ڇڏيون، ان دور جي سياستدانن جڏهن صالح بلو کي ڪنهن به صورت ۾ هٿيار فٽا ڪندي نه ڏنو ته کيس گماشتن هٿان کنڀرائي ڪنهن جهنگ ۾ وڃي ٻه ٽي ڏينهن کيس سوگهو ڪري رکيو ۽ چونڊون ٿيڻ کانپوءِ کيس ڇڏيو ويو.
محمد صالح سياست سان گڏوگڏ ادب جو به وڏو خدمتگذار رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ نواب شاهه جي بنياد وجهندڙن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، پاڻ شروعاتي سالن ۾ سنگت نواب شاهه جو سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ مختصر افسانو تحرير ڪرڻ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي، هن ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ پنهنجا درجينن افسانا ۽ ڪهاڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون، سندس همعصر ليکڪن ۽ شاعرن ۾ سائين عبدالحڪيم ارشد، منظور حسين قريشي، ماڻڪ منير، بردو سنڌي، پير ضياءَ خياروي، نور احمد چنڙ، بشير احمد ٻگهيو، مير عبدالرسول مير، تاج جويو، الحاج رحيم بخش قمر لاکو، نور عباسي، پروفيسر عبدالله مگسي ۽ ٻيا شامل هئا، محمد صالح بلو ادب سان گڏوگڏ جديد سنڌي صحافت جو علمبردار ۽ نامور ڪالم نگار، تحقيقي رپورٽر طور پاڻ مڃايو،کيس صحافتي مڃتا طور ٻه ڀيرا پاڪستان جو سڀ کان وڏو صحافتي (اي پي اين ايس) ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، هن روزاني سنڌ نيوز اخبار سان صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جنهن بعد سنڌي ٻولي جي پهرين ڪمپيوٽرائيزڊ روزاني عوامي آواز اخبار جي ڪڍڻ تي هن پنهنجي ساٿين ڊاڪٽر جبار خٽڪ، احمد خان جمالي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڊاڪٽر اسماعيل اڊيجو، امداد علي اوڍو ۽ ٻين دوستن سان گڏجي پارٽنرشپ تي عوامي آواز اخبار کي سنڌي قوم جي ترجمان اخبار طور مڃرائڻ ۾ جدوجهد ڪئي جنهن بعد هن پنهنجي نظرياتي ساٿين ڪامريڊ غلام رسول سهتو، مهيش ڪمار، ڪامريڊ رشيد راڄڙ سان گڏجي روزاني سنڌ اخبار پڻ شروع ڪئي محمد صالح بلو انهن اخبارن جا ايڊيٽوريل به لکندو هو ته ڪالم ۽ مضمون پڻ سندس معمول جو حصو هيا، بعد ۾ هن نواب شاهه شهر ۾ پنهنجي ذاتي پندرهن وار اخبار سنڌ گرين شايع ڪرڻ شروع ڪئي جيڪا گذريل ۲۰، ۲۵ سالن کان مسلسل شايع ٿيندي رهي آهي ۽ ڪامريڊ صالح بلو کي جس هجي جو ڪنهن به سرڪاري اشتهار يا مدد کانسواءِ مسلسل ۽ لڳاتار هن هڙان وڙان خرچ ڪري اها اخبار شايع ڪئي.
محمد صالح بلو جي خودداري، بهادري ۽ بيباڪي کي نواب شاهه جا سياسي، سماجي ماڻهو توڙي وقت جا ڪامورا انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ميڊم فريال ٽالپور صاحبه، حاجي علي حسن زرداري کيس عزت ۽ مان ڏيندا هئا، ساڳئي وقت نواب شاهه ۾ مختلف وقتن ۾ رهندڙ ڊپٽي ڪمشنر آفتاب ميمڻ، عبدالزاق قريشي، آغا جان اختر، گل محمد عمراڻي، گهنور خان لغاري، عبدالقادر منڱي، سيد جمال مصطفيٰ شاهه، عبدالعليم لاشاري، عبدالرشيد زرداري ۽ ٻيا پڻ محمد صالح بلو جا يا ته پراڻا ڪلاس فيلوز هيا يا ته سندس دوست ۽ ساڻس محبتون ڪندڙ آفيسر هيا، محمد صالح بلو ۲۰۰۰ ڌاري پنهنجي زندگي شهر جي شور شرابي، آلودگي کان بيزار ٿي ايئرپورٽ روڊ تي واقع پنهنجي اباڻي زمين ۾ وڃي پنهنجي نالي سان ڳوٺ محمد صالح بلو وڃي وسايو جتي هن سرڪاري اسڪول، سرڪاري اسپتال، هنري مرڪز پڻ قائم ڪيا، جڏهن ته هن پنهنجي امڙ جي نالي سان منسوب خديجه هنري مرڪز غريب آباد ۾ قائم ڪيو جتي علائقي جي نياڻين کي مفت ۾ هنري سکيا فراهم ڪئي ويندي آهي، محمد صالح بلو نواب شاهه شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ۹۰ واري ڏهاڪي دوران عورتن ۽ ٻارن جون بازارون ۽ ميلا منعقد ڪرايا، هن نواب شاهه تعليمي انقلاب آڻيندڙ سائين ايڇ ايم خواجه جي نالي سان ڪيترن سالن تائين گلن جي نمائش برپا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪامريڊ محمد صالح بلو هڪ سماجي تنظيم سنڌ جرنسلٽ نيٽ ورڪ فار رورل ڊولپمنٽ (سڄڻ آرڊي ) قائم ڪئي جنهن جو مقصد سماجي، علمي ادبي ۽ صحت جي حوالي سان ماڻهن ۾ مفت جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ سميت ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳرايون جنهن ۾ مختلف شعبن جا مقامي ملڪي ۽ پرڏيهه مان ماهر ڊاڪٽر شريڪ ٿي غريب ۽ نادار مريضن جا مفت ۾ آپريشن ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي دوائون فراهم ڪندا هئا ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ هر مهيني اهڙي ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائڻ سندس معمول هوندو هو.
محمد صالح بلو جي شخصيت هڪ ئي وقت سياست، صحافت، ادب، تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن جهڙن مقدس شعبن ۾ ورهايل هئي، مونکي اهو سڄي زندگي افسوس ۽ پچتاءُ رهندو ته استاد محمد صالح بلو کي ڪچهرين ۾ ڪيئي ڀيرا چوڻ باوجود مون حياتي ۾ ساڻس يادگار مڃتا رهاڻ نه ملهائي ۽ هو پرديسي پکين وانگر پنهنجون ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگهڻ جهڙيون حسين يادون اسان وچ ۾ ڇڏي ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ جي سرد صبح جو اسان سڀني کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
