وفاقي حڪومت خودڪشين تي مجبور ڪيو آهي: رائيس ملرس ايسوسئيشن

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ بلوچستان رائيس ملرس اينڊ ٽريڊرس ايسوسئيشن جي مرڪزي صدر قمرالدين گوپانگ، جنرل سيڪريٽري اسد علي تنيو تعلقي لاڙڪاڻي جي صدر صابر علي عباسي، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ساجد ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جي تنظيم سان سنڌ ۽ بلوچستان جا 2500 کان وڌيڪ ملون لاڳاپيل آهن جتي 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو روزگار ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت معاملن کي حل ڪرڻ بجاءِ ويتر خاموشي جو مظاهرو ڪري مل جي واپارين توڙي مزدورن، هارين ۽ آبادگارن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جتي اسان کي چيو ويندو آهي ته 18 هين ترميم کان پوءِ صوبا توهان جا مسئلا حل ڪندا مسئلا حل نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ جا زراعت سان لاڳاپيل ادارا هن وقت تائين معاشي بحران کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪا به پاليسي جوڙڻ لاءِ اسان سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو. هر روز وفاق توڙي صوبن طرفان ملن تي ڪيتريون ئي نيون ٽيڪسون لڳاپيون پيون وڃن جنهن ۾ سنڌ انوارمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي، پراپرٽي ٽيڪس، ايڪسائيز ٽيڪس، ميونسپل ٽيڪس، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، سنڌ فوڊ اٿارٽي، سنڌ فوڊ ڊپارٽمينٽ، انڪم ٽيڪس، اولڊ ايج ڊپارٽمينٽ، ماپ وارو ادارو، مارڪيٽ ڪاميٽي، بئنڪاري، ليبر ڊپارٽمينٽ، خريد ۽ فروخت جا معاملا ۽ سڀ کان وڏو مسئلو واپڊا اداري جي آهي بجلي جي تازو آيل 2 مهينن جي بلن ۾ واڌو ٽيڪس هڪ جبري ايس آر او تحت لڳايل آهن جنهن خلاف هڪ مهيني کان اسين احتجاج جو چتاءُ ڏيندا پيا اچون پر ڪو به عملدار ٻڌڻ وارو ناهي، اسان نه ٿا چاهيون ته ڄاڻي واڻي بل بند ڪري ملڪي ادارن لاءِ مسئلا پيدا ڪيون تنهن ڪري اسان وزيراعظم پاڪستان، واپڊا کاتي جي وفاقي وزير، سيڪريٽري ۽ بجلي تقسيم ڪندڙ ادارن جي سربراهن کي ڪيترائي ڀيرا خط لکي چڪا آهيون پر ڪو به تدارڪ ٿيڻ بجاءِ ڳرا بل جاري ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته برساتن جي تباهه ڪارين کان پوءِ فصل توڙي ملن اندر مشينري کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته بجلي جو بل معاف ٿيڻ بجاءِ ڳرا ٽيڪس لڳائي جاري ڪيا ويا آهن تنهن ڪري اسين سيپڪو، قيسڪيو ۽ حيسڪو جي بجلي جا بل ڀري نه سگهنداسين ڇو ته اڳ به اسان برساتن سبب هڪ وڏي معاشي بحران جو شڪار آهيون تنهن ڪري اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي ڳالهيون ڪري اضافي بل واپس وٺي رليف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت 18 ڊسمبر کان پوءِ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں