لاهور (م ڊ) منشيات ٽوڙ عدالت وفاقي گھرو وزير رانا ثناءُالله کي منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو. وفاقي گھرو وزير رانا ثناءُالله عدالت ۾ پيش ٿيو جتي هن پنهنجي وڪيل ذريعي ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪئي هئي. راناثناءُ الله درخواست ۾ گذارش ڪئي هئي ته مون تي ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو تنهنڪري بري ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران رانا ثناءُالله جي وڪيل فرهاد شاهه ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته منشيات هٿ ڪندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امتياز احمد الزامن جي ترديد ڪري رهيو آهي ۽ انسپيڪٽر احسان اعظم به ترديد ڪري رهيو آهي. رانا ثناءُ الله جي وڪيل جي موقف تي سرڪاري وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته هن کي پابند ڪيو ته اڄ ئي بحث ڪن جنهن تي راناثناءُالله جي وڪيل موقف اپنايو ته درخواست ته داخل ڪرڻ ڏيو. ان کان پوءِ منشيات ٽوڙ عدالت بريت جي درخواست تي دليل ٻڌڻ کان پوءِ وفاقي وزير رانا ثناءُالله کي بري ڪري ڇڏيو.
