ٽنڊوآدم ۾ سيد حاجي شاھ بابا جي چوڏھين عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

ٽنڊوآدم (ن س) درگاھ سيد حاجي شاھ بابا جي گادي نشين رئيس حاجي زاھد علي مري پاران درگاھ سيد حاجي شاھ بابا جي ماھوار چنڊ جي چوڏھين عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي ان موقعي تي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي راڳين فقير قائم لنجواڻي . فقير خالق ڏنو لنجواڻي . فقير امير علي لنجواڻي . فقير عبدالرزاق لنجواڻي ۽ فقير خدابخش خاصخيلي ڀٽائي جا مختلف راڳ ڳائي ويٺلن مٿان وجد طاري ڪري ڇڏيو محفل رات دير تائين جاري رھي محفل جي آخر ۾ عالم اسلام سميت سنڌ جي خوشحالي . ترقي . امن ۽ محفل ۾ شرڪت ڪندڙ حاضرين لاء اجتمائي دعا گھري وئي ان موقعي تي راڳ جي محفل منعقد ڪندڙ رئيس حاجي زاھد علي مري چيو ته درگاھ سيد حاجي شاھ بابا جي ماھوار چوڏھين عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي سيد حاجي شاھ بابا جي درگاھ قديمي آھي سندس شخصيت تاريخ جي ورقن ۾ لڪيل آھي سندس ڪرامتن جي ڪري وڌيڪ عقيدتمند پري پري کان اچي سکائون ڏئي دعا گھرندا آھن ھن وڌيڪ چيو ته درگاھ تي ھرسال عرس مبارڪ ملھايو ويندو راڳ جي محفل ۾ شھر جي معززين علي شير ڏاھري . خالد ڏاھري . رئيس ابرار علي مري . عبدالرشيد ورياھ . غلام مصطفي’ ساند . طارق ڏاھري سميت صحافي خالد خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ڀٽائي جي عقيدتمندن لاء لنگر جو بندوبست پڻ ڪيو ويو . 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں