پي ٽي آءِ اختلافن جو شڪار ٿي پنهنجي انجام جي ويجهو آهي: امتياز شيخ

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ اندروني طور اختلافن جو شڪار ٿي پنهنجي انجام جي ويجهو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته وقت گذرڻ سان عمران خان جو ڪوڙ، سازشي بيانيو ۽ ڪرپشن وائکي ٿي رهي آهي، مقرر وقت تي عام چونڊون ٿيڻ سان پي ٽي آءِ کي پنهنجي شڪست صاف نظر اچي رهي آهي، اسيمبليون ٽوڙڻ جو بيانيو به لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جيان ناڪام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ڪڏهن به اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو نه ڪندو، آئين ۽ قانون تحت اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ اندروني طور اختلافن جو شڪار ٿي پنهنجي انجام جي ويجهو آهي، فواد چوڌري ۽ ٻيا ماڻهو پي ٽي آءِ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں