ٺٽو (ڊ ر) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ ملڪ اندر سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، وڌيڪ صوبا يا انتظامي يونٽس ٺاهڻ لاءِ ڪير سنڌ جي باري ۾ نه سوچي. مراد علي شاھ چيو تھ سنڌ صدين کان هڪ رهي آهي ۽ هڪ ئي رهندي، سنڌ ۾ ڪنهن به نئين صوبي جي ڳالهه ڪئي ته ان جو برو حشر ٿيندو. ھن چيو تھ اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون نه ٽٽن، عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جڏهن سنڌ سميت سڄو پاڪستان سخت برساتن ۽ ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو تڏهن به عوام جي وچ ۾ ويهڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ بدران عمران خان سياسي جلسن ۾ مصروف هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا اسيمبلين ۾ نٿا وڃن ۽ پگهارون وٺن ٿا، ووٽ وٺڻ جو ڪهڙو فائدو جڏهن اهي چونڊجي وڃن ۽ ايوانن ۾ عوام جو آواز بہ نه بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي ۾ شيرازي خاندان جي سربراھ ناليواري ۽ معروف شخصيت اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي ٻي ورسي تقريب کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ شبير احمد بجاراڻي به ساڻس گڏ هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عمران خان جتي به اليڪشن وڙهيو کيس پيپلز پارٽيءَ کان شڪست آئي چاهي پنجاب هجي يا سنڌ. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سياسي ماڻهو آهيون جهموري ماحول برقرار رکڻ لاءِ چاهيون ٿا ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن پر جيڪڏھن ٽوڙين ٿا تہ وڌيڪ سُٺو آھي اسان اليڪشن وڙھنداسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سروي موجب سڄي سنڌ ۾ 21 لک گهرن کي نقصان پهتو جن مان 14 لک گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، ماڻهن جي مٿي تي ڇت ناهي ۽ خيمن ۾ زندگيون گذاري رهيا آهن، سنڌ حڪومت ۽ وفاق گڏجي عوام جي مدد ڪري رھيا آھن پوءِ اها رليف هجي يا بحالي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان گڏجي گهرن، اسڪولن، آبپاشي جي نظام ۽ روڊن، هارين کي في ايڪڙ تي پنج ھزار روپيہ ٻج لاءِ ڏيڻ سميت انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي بهتري لاءِ وڏو ڪم ڪيو پر ڪجهه سياسي پارٽيون زور ڏئي رهيون ھيون ته سياسي ماڻهو هٽايو ان کي نظر ۾ رکندي ھڪ اھڙي شخص کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو آھي جيڪو اڳ ئي ميونسپل ڪمشنر رهيو آهي ۽ کيس تجربو به آهي اهو ڪنهن به معاهدي جو تسلسل ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ صوبو ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ پي ٽي آءِ شامل آهن، سنڌ جي ورھائڻ جي ڳالھہ ڪندڙن کي سنڌ جو عوام ئي جيئڻ نه ڏيندو. هن چيو ته سرڪاري زمينن تي ڪنهن کي به غير قانوني قبضو نه ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سيد اعجاز علي شاهه شيرازي هڪ مشهور ۽ باوقار عوامي خدمتگار هو، جنهن هميشه پنهنجي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، هو هڪ انسان دوست شخصيت جو مالڪ هو. هن چيو ته عوام جو سمنڊ ڏسي محسوس ٿيو آهي ته سيد اعجاز علي شاهه شيرازي اڄ به عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي. هن چيو ته سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جون ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي عوام لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۽ سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون جيڪي ناقابل فراموش آهن. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته سياسي ماڻهن جي جنت عوام جي پيرن ۾ آهي. ھن چيو تہ الله تعاليٰ کين پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي. تقريب کي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، اڳوڻي سينيٽر سيد شفقت حسين شاهه شيرازي، ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي، معاون خاص سيد رياض حسين شاهه شيرازي، ارباب وزير ميمڻ ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ معززين پڻ خطاب ڪندي سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي زندگيءَ تي روشني وڌي.
