ڪامريڊ صالح بلو کي سرخ سلام

امداد اوڍو
اسان جو دلبر دوست ۽ ساٿي صلح بلو به وڇڙي ويو. پنجاھ سالن جو نظرياتي سفر گڏجي ڪيوسون. سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ گڏ رھياسون پوءِ صحافتي سفر به گڏجي ڪيوسين. عوامي آواز جي ابتدا واري ڏکي دور ۾ ھن وڏي محنت ڪئي. نواب شاهه سميت پوري سنڌ ۾ اخبار کي عوام تائين پھچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. روزاني سنڌ کي اوج تي پھچائڻ وارو به صالح بلو ھيو. ھن پنهنجي سموري زندگي پورھيت جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏي. پاڻ سچو ۽ کرو انسان ھيو. فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري مسئلي تي گورنر ھائوس ڪراچي ۾ سنڌي ايڊيٽرن سان ملاقات ۾ کيس لانگ بوٽي ڪري مخاطب ٿيو ھيو. سنگت جي ڪوتاهين تي به کرو موقف رکندو ھيو. وري محبتن ڏيڻ جو به مور ھيو اڪثر سنـگت جڏھن به نواب شاهه ويندي هئي ته جيءَ ۾ جايون ڏيندو ھيو. ھن جون زندگي ۾ ڪيل قومي خدمتون اسان جي دلين ۾ ته سدائين زنده رھنديون پر کيس سنڌ جي تاريخ ۾ کيس سنھري اکرن ۾ ياد ڪيو ويـندو. مرڻو ته ھر ماڻهوَ کي آهي پر ڪي انسان پنهنجي قومي پورھئي سبب ھميشھ لاءِ امر ٿي ويندا آهن. انهن ۾ اسانجو دلبر دلير ساٿي ڪامريڊ صالح بلو به شامل آهي. ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جي گهر جو ھڪ پيارو ڀاتي اسان کان وڇڙي ويو آهي. ڪيترو ڏک ڪجي ھڪ ڳالهه جو اطمينان به آهي ته صالح بلو ھن دنيا ۾ اچڻ واري مقصد سان سچائي رھيو جنهن جي پاداش ۾ جيل به ڀوڳيائين. ڪامريڊ جي خوابن جي ساڀيان لا۽ اسان سموري سنگت کي ھڪ ٿي جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. ڪامريڊ سان گهاريل گهڙين جو تفصيلي ذڪر ڪبو. فلحال ته ڪامريڊ جي وڇوڙي ھيڻو ڪري ڇڏيو آهي. واقعي جڏهن پنهنجا پيارا وڇڙي وڃن ٿا ته ويڳاڻپ سان گڏ دلي صدمو ٿئي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں