گڏاپ(ن س) گلشن معمار ٿاڻي جي حد ديھ بجار بٺيء ۾ پاتڻي برادري ۽ گبول برداري جي ڳوٺاڻن پاران وڏيرو صابو پاتڻي، غلام مصطفيٰ پاتڻي، محمد ياسين پاتڻي، شاھنواز گبول ۽ علي بخش مريء سميت عورتن سان گڏجي روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪيو ميڊيا سان ڳالھائيندي ھنن چيو ته اسان جا صدين کان وٺي ڳوٺ قائم آهن اسان جي ڳوٺ جي زمين جيڪا ديھ بجار بٺيء ۾ آهي ان تي ھاڻ لينڊ مافيا جي محمد علي شيخ، ايم ڊي اي ڊائريڪٽر عرفان بيگ ۽ اردو ڳالھائيندڙ مھاجرنديم نالي شخص قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، اسان جي زمين تي قبضا مافيا جا ماڻهوَ پھتا ته اسان کين منع ڪرڻ وياسين ته ھٿياربند ماڻهن بااثر محمد علي شيخ، ايم ڊي اي جي ڊائريڪٽر عرفان بيگ ۽ قبضا مافيا جي سربراھ نديم مھاجر جو نالو کڻندي اسان کي ھٿيار ڏيکاريا ۽ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون، ڳوٺ جي زمين تي بااثر ناجائز قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ايم ڊي اي ڊائريڪٽر عرفان بيگ اڳ ۾ به غير قانوني طور تي نادرن باء پاس ڀرسان عباس بروھي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري بنا جواز گوليون ھلرايون ۽ ھڪ پورھيت مسڪين ماڻهوَ کي پڻ ماري وڌو جنهن جي مٿس ايف آء آر پڻ داخل ٿيل آهي ۽ ھاڻ به ھڪ ڀيرو ٻيھر ھو لينڊ مافيا ۽ بااثر ماڻهن سان ملي ڀڳت ڪري اھڙي رت جي راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رھيو، ھنن چيو ته نديم مھاجر نالي لينڊ مافيا جي سربراھ پھرين به ناجائز تريقي سان بروھين جي زمين تي قبضو ڪري ڪنيز فاطما نالي سان سوسائيٽي ٺاهي آهي جيڪا پڻ غير قانوني آهي ھنن چيو ته ھن وقت اسان جي ڳوٺ جي زمين تي لينڊ مافيا جي محمد علي شيخ، ايم ڊي اي جي ڊائريڪٽر عرفان بيگ ۽ قبضا مافيا جي سربراھ نديم مھاجر زبردستي قبضو ڪري ھٿيار بند ماڻهوَ ويھاري ڇڏيا آهن اسان مسڪين ماڻهوَ آھيون اسان جي جان کي خطرو آهي ، گلشن معمار ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او امين قريشي ۽ چوڪي انچارج صدرالدين سومرو بااثر محمد علي شيخ، نديم مھاجر ۽ ايم ڊي اي ڊائريڪٽر عرفان بيگ جي ساٿاري بڻجي زمين تي ھٿياربند ويھاري رھيا آهن ۽ زمين تي پاڻ به پوليس اھلڪار وٺي ويٺا آهن اسان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريم سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي ۽ ڊي سي اولھ شاھدا جعفر سميت اعليٰ اختيارين کي چئون ٿا ته نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ڏيارين، ھنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين،
