ڪراچي ۾ انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي تي کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ ريلي

ڪراچي (پ ر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سجاڳي فورم، هيومن رائيٽس ڪميشن ۽ سول سوسائٽي طرفان ڪالهه انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. جنھن ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي مرڪزي ڪنوينر سورٺ لوهار، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سارنگ جويي، سهڻي جويو، مريم گاڏهي، شاهد ڪانڌڙو، اقصى دايو، افسانا دايو، پارس جوڻيجو، شهزادي جوڻيجو، بشيران زهراڻي، عرفان زهراڻي، اسد بٽ، قاضي خضر، سعيد بلوچ، غازي خان، اشرف بهيلم، عبدلوهاب بلوچ، آمنه بلوچ ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي اڳوڻن شرڪت ڪئي. مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا، جيڪي مطالبو ڪري رھيا ھئا تہ ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، جن جو اڃا تائين ڪو بہ پتو نہ پئجي سگھيو آ، اسان مطالبو ٿا ڪيون تہ اسان جا جيڪي بہ ماڻھو گم ڪيا ويا آھن، اھي سڀ بيگناھ آھن، ان جي باوجود انھن کي سالن جا سال غير قانوني طور تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي قيد ۾ رکيو ويو آھي، اھو عمل نہ صرف انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي ڀڃڪڙي آھي پر خود ھن رياست جي جوڙيل آئين جي آرٽيڪل 10 ۽ 9 جي پڻ ڀڃڪڙي آھي ۽ سڌي سنئين دھشتگردي آھي. اسان مطالبو ٿا ڪيون تہ انھن سڀني کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي جلد کان جلد بازياب ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ اسان جي جدوجھد جاري رھندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں