تلهار ڀرسان ڳوٺ الهبچايو جي ڳوٺاڻن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪري ڇڏي

تلهار (ن س) تلھار جي يونين ڪائونسل کڏھرو جي ڳوٺ الهبچايو چانڊيو جي ڳوٺاڻن پاران پاڪستان پيپلز پارٽي کي الوداع ڪري pti اڳواڻ نواب ابوبڪر ٽالپر تي اعتماد ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري ڇڏي شموليت ڪري  ڇڏي آهي ، ڳوٺاڻن محمد جمن چانڊيو، مقصود احمد چانڊيو، ولي محمد چانڊيو، عبدالعزيز چانڊيو،نظير حسين چانڊيو، عبدالحسين چانڊيو، علي مراد چانڊيو  ٻين ڳوٺاڻن شموليت ڪئي آهي ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊويزن جي سينئير نائب صدر نواب ابوبڪر ٽالپر شرڪت ڪئي  ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان گذريل 50 سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندا پيا اچون مگر ھتي پ پ جي  اڳواڻن توڙي چونڊيل نمائندن رڳو پنھنجا پيٽ ڀريا آھن اسان غريبن جي ڪڏھن بہ سار نہ لڌي آھي ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ڊويزن جي سينئير نائب صدر نواب ابوبڪر ٽالپر پ پ ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪندڙ ڳوٺاڻن کي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪرڻ تي کين خوش آمديد چوندي چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سموري ملڪ ۾ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان کٽيندي سنڌ سميت سمورن صوبن ۽ وفاق ۾ پڻ حڪومت پڻ اسان جي هوندي ۽ ملڪ جي عوام چونڊيل وزيراعظم عمران خان هوندو جيڪو ملڪ کي ٻيهر ترقي جي راھ تي وٺي هلندو هن وڌيڪ چيو ته مون اڳ بہ تلھار تڪ جي ماڻھن جي بنا فرق خدمت ڪئي آھي ۽ ھاڻ بہ انھن سان ھر وقت گڏ آھيان ھن چيو تہ ڪنھن کان بہ ڊڄڻ جو ڪم ناھي آئون توھان سان ھر وقت گڏ آھيان ان موقعي تي ڳوٺاڻن پاران آيل مھمان کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.
ان موقعي تي منور علي لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں