سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، ان خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين: قومپرست اڳواڻ

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي, نوان صوبا ٺاهڻ بابت وفاقي پارلياماني ڪميٽي جي قيام ۽ ڌارين جي آبادڪاري بابت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ جي سامونڊي پٽي تي پيپلزپارٽي جي سرڪار جي سھولتڪاري ۾ ڌارين جي آبادڪاري جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آھن، بحريا ٽائون کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي پورو زور لڳائي رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ جو اقتدار اعليٰ اسٽيبلشمنٽ جي مڪمل آشيرواد سان پيپلزپارٽي جي حوالي ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مثال موجوده پ پ ۽ زرداري مافيا جي هي ڀيانڪ شڪل آهي، 14 سالن کان هي بدعنوان سنڌ کي تهس نهس ڪري سنڌ جي مستقبل لاءِ هنن ڏوهارين خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، هنن جو احتساب ۽ پڇاڻو ڪرڻ وارا سڀ ادارا خاموش آهن ۽ اهي ئي قوتون منظم طريقي سان سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي مسلسل آباد ڪري رهيون آهن، ھنن جي ڪوشش آھي تھ جيڪڏھن سنڌ کي ٽوڙي نٿو سگھجي تھ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ دشمن قوتون اسان جي زمين تي والار ڪري ميگا رهائشي اسڪيمون جوڙي ڌارين کي آباد ڪري رهيون آهن، هن ملڪ جي اندر به انساني آبادي جي ٻوڏ سنڌ منتقل ٿيندي رهي ٿي، پر افغانستان جو چمن بارڊر ۽ طورخم بارڊر هنن 40 ورھين کان سنڌ طرف کولي رکيا آهن، اهي افغان ڀڳوڙا رياستي سرپرستي ۾ اسان جي گادي واري شهر ڪراچي سميت پوري سنڌ جي ڪاروبار تي مسلط ڪيا ويا آهن. ھن چيو تھ نادرا مشرف دور، پ پ، عمران ۽ اڄ جي موجوده دور جي شهباز شريف، بلاول زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي دور ۾ به ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي، نادرا کي ڄڻ ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ لاءِ خاص ٽاسڪ ڏئي ويهاريو ويو آهي، اڄ ڌاريا پوليس، تعليم، صحت کاتي سميت مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن. ھن چيو تھ ملڪ جي مرڪزي پارليامينٽ ۾ جڏهن هتان جي تاريخي زبانن کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو بل ايندو آهي ته چيو ويندو آهي ته اسان جي مذھب جي لاءِ خطرو آهي، هي ملڪ رضاڪاراڻي طور بنگالين ۽ سنڌين جوڙي هئي، پر 75 سالن کان وٺي هن کي مضبوط مرڪز ۽ پنجاب جي مفادن جي تابع ڪري هلايو پيو وڃي. ھن چيو تھ پي ڊي ايم سرڪار جنهن جي پيپلزپارٽي مرڪزي حڪومت ۾ وڏي حصيدار آهي، انهن ملڪ اندر ڪمزور پارلياماني نظام ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙي آهي، اسان سمجهون ٿا ته اها هنن جي ڏوهاري ڪارروائي آهي ۽ اسان واضح ڪريون ٿا ته سنڌ تاريخي وطن آهي ڪو انتظامي يونٽ ناهي، حڪمرانن جي اها حرڪت ان تسلسل جي ڪڙي آهي جيڪا اسٽبيلشمنٽ مسلسل سنڌ خلاف ڪندي آئي آهي، جنگي ۽ مذهبي انتهاپسندانا جنون جمهوريت ۽ قومن جي وجود جي مسلسل انڪار ڪرڻ جي ڪري ھي ملڪ اڄ معاشي طرح ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي. ھن چيو تھ ھنن حڪمرانن جو مقصد هاڻوڪين برساتن ۽ هٿرادو ٻوڏ ذريعي اسان کي ٻوڙڻ ۽ مارڻ آهي، مٿان اسان جي نالي تي عالمي امداد وٺي بيرحم حڪمران هڙپ ڪري ويا آھن، اسان جا 2 ڪروڙ کان مٿي ماڻهو اڃا تائين روڊن تي بي گهر ۽ بي سهارا ٿي دربدر آهن، ڪي بسن ۽ گاڏين هيٺان ماريا ۽ ساڙيا ويا آهن، اسان کي ٻوڙي ماريو ويو، نه حڪمرانن ريسڪيو ڪيو، نه ان کان اڳ وري ماحولياتي تبديلين جي مدنظر ڪي جوڳا اُپاءَ ورتا ويا. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي 2023ع جو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ڀاڱا پئي ڪري، 2023ع وارو پارلياماني سيٽ اپ انتھائي خطرناڪ ھوندو، سنڌ انتظامي يونٽ ناھي، ھي گھڻ قومي رياست آھي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تھ جيڪو ماڻھو غلامي پسند ڪندو آھي ان جي لاءِ دنيا جي ھر گار جائز آھي، سڀ کان وڏو ڏوھھ تاريخ ۽ قوم سان ڪوڙ ڳالھائڻ ھوندو آھي، ھتي محب وطن کي غدار ۽ غدار کي محب وطن ڪري پيش ڪيو ويندو آھي. ھن چيو تھ آئون صبح جو اٿي سجدو ڪري دعا گھرندو آھيان تھ خدا پاڪستان کي قائم رک، ڇو تھ جنھن وقت اھڙي صورتحال ٿي تھ ايم ڪيو ايم جا نسل پرست ٽولا جڏھن راجستان ۽ يو پي سي پي کان تلوارون کڻي نڪرندا تھ سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي تحفظ ڪير ڏيندو؟، جڏھن پنجاب جي سڄي فوج ۽ رٽائرڊ جنرل گڊو بئراج کان وٺي سکر بئراج کان ٿيندا زمينن تي قبضا ڪرڻ جي لاءِ مارچ ڪرڻ شروع ڪندا تھ ان وقت سنڌين جو تحفظ ڪير ڪندو؟، جيڪڏھن عقل ۽ فھم جي ڳالھھ ڪجي ٿي تھ گار بڻجي وڃي ٿي، پاڪستان ھن وقت خراب معاشي حالتن ۾ گذري رھيو آھي. ھن چيو تھ اسان جي نوجوانن جا بي ڪفن ٿي بنا ڪنھن کي چماٽ ھڻڻ جي عذاب ڏياري ٽارچر سيلن ۾ ماريا ويا آھن، ھي مجرمن جي ھڪ ڊگھي قطار آھي. ھن چيو ته ھن وقت سنڌ جي ماڻھن کي سوچڻ جي ضرورت آھي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجو تائين اسان جي سياست ۽ ان جا نعريٰ ماڻھن جا من لڀائيندڙ نعريٰ ناھن رھيا، اھو ڪڏھن به ناھي ٿيو تھ ڪنھن بھ دور ۾ سنڌ جي ڪا بھ قومپرست پارٽي اڪثريتي پارٽي بڻجي وئي ھجي، اسان ھڪ دائرن جي سياست ڪندڙ محدود دائري اندر ماڻھن تي اثر انداز ٿيندڙ آھيون ۽ پوءِ اسان کان توقع ڪجي ٿي تھ اسان 6 ڪروڙ ماڻھن جا نمائندا ڇو ناھيون؟، اھي اسان جي پوئيواري ڇو نٿا ڪن، اسان ھنن جي اجتماعي مفادن جي لاءِ فٽ ڇو ناھيون ۽ جيڪڏھن ناھيون تھ پوءِ غدار آھيون ۽ ڪنھن جا ايجنڊا آھيون، ھي سنڌ جي پڙھيل ڳڙھيل ڪلاس جو رويو آھي، جنھن ڪنھن حد تائين سنڌ کي نقصان پھچايو آھي. ھن چيو تھ سنڌ جو دانشور ساڃاھھ وند ماڻھو پرسنٽيڪل، خود شناسي ۽ خود سنائي ۾ ڦاٿل آھي، ان جو ڪردار انفرادي آھي، نالو کڻي قوم ۽ وطن جو استعمال ٿي ويندو آھي، گھڻو ڪري دانشور طبقو ھيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ھوندو آھي ان ڪري سندس علم ۽ عقل کي پيٽ جي بک اجھائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو آھي، سنڌ جي قومي سياست ۽ سنڌ جو ساڃاھھ وند ڪلاس فاصلي تي بيٺل ھجي تھ اتي قوم جي قسمت ۾ ڪا بھ تبديلي ناھي ايندي، رياست ڪڏھن زرداري، ڪڏھن ارباب، غوث علي شاھھ، لياقت علي جتوئي ۽ ڪڏھن وري ايوب کھڙي کي ويھاري ڇڏيندي آھي. ھن چيو تھ اقتدار سنڌ جي مسئلن جو حل ناھي، سنڌ جي مسئلن جو حل سنڌ جي جوھر ۾ طاقت ھجڻ آھي، ھي سنڌ جي ڪمزور ترين حالت آھي تھ 6 مھينن کان وٺي 60 سالن جي پيرسن عورت روڊن تي پندي ڏٺي وڃي ٿي، قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ھر معاملي تي گھٽ وڌ ڳالھائڻ بجاءِ حقيقتن تي نظر وجھڻ گھرجي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھھ اياز لطيف پليجو چيو تھ پيپلزپارٽي سنڌ کي تباھھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ ۾ ھر طرف رڳو تباھي نظر اچي ٿي، اسان سنڌ دوست ڌرين کي سوچڻ گھرجي، اسان کي پاڻ ۾ متحد ٿي ھنن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، پر سنڌ جي ماڻھن جو بھ ان موقعي تي امتحان شروع ٿئي ٿو، سنڌ جي ماڻھن کي سوچڻو پوندو، ھاڻ جيڪي بلدياتي چونڊون ٿيون تھ ڪجھھ ضلعن کانسواءِ باقي اسان ڪٿي بھ گڏجي چونڊون نھ وڙھياسين. ھن چيو تھ ماڻھو خبرون ڏاڍيون ڀليون ڪندا آھن، پر جڏھن عمل جي ڳالھھ اچي ٿي تھ پوئتي ھٽي ويندا آھن، جڏھن پيپلزپارٽي جا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ماڻھن کي قتل ڪن ٿا ۽ اسان انھن ماڻھن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ وڃي پھچون ٿا ۽ احتجاج ڪيون ٿا تھ ھو ٺاھھ ڪري ويھي رھن ٿا، پيپلزپارٽي ماڻھن جا ڳوٺ ٺاھي بي گھر ڪري ٿي تھ سنڌ دوست ڌريون پھچن ٿيون ۽ پوءِ وري اھي ڳوٺاڻا انھن ساڳين ئي ماڻھن جي پويان لڳل ھوندا آھن. ھن چيو تھ اسان پاڻ ۾ گڏيل جدوجھد ڪندا رھندا آھيون، ھڪٻئي سان رابطا بھ قائم رکيو اچون، پاڻ کي تھ پنھنجي قوم جي لاءِ بيھڻو آھي. ھن چيو تھ صوبن جي حوالي سان جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جي سربراھي بھ پيپلزپارٽي وٽ آھي، ھي سنڌ کي ورھائڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ تيار آھن، بدلي ۾ رڳو ھنن کي اقتدار گھرجي، ڪروڙين ماڻھو ھنن ٻوڏ ۾ ٻوڙائي ڇڏيا، جيڪي اڃا تائين دربدر آھن، سنڌ ۾ سامونڊي پٽي کان وٺي سنڌ جون لکين ايڪڙ قيمتي زمينون بحريا ٽائون ۽ ٻين منصوبن جي لاءِ وڪرو ڪري ڇڏيون اٿن، جتي لکين ڌاريا منصوبابندي تحت آباد ٿيندا. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو ته گڏ ويهڻ سان اتفاق پيدا ٿئي ٿو، جن نقطن تي اسان ويٺا آهيون اهي تمام گهڻا اهم آهن، نون صوبن ٺاهڻ واري بل جا ڪيترائي پاسا آهن، ووٽ جي لاءِ ان قسم جي لاءِ نعريبازي ٿيندي رهي آهي، پر هاڻ صورتحال ان کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي، پيپلزپارٽي جهڙيون پارٽيون اقتدار جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون، سنڌ کي ورهائڻ وارو منصوبو اسٽيبلشمينٽ جو آهي، جيئن ورهاڱي کان اڳ انگريزن گڏيل هندستان کي ورهائڻ جو سوچيو هو، سنڌ اسان جو وطن آهي، سنڌ ڪو صوبو ناهي، اسان جي تاريخي وطن کي ورهائڻ جي لاءِ ٿيندڙ ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين. ھن چيو تھ مستقبل کي اميد جي نگاهه سان ڏسڻ گھرجي، سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي مستقبل بابت سٺو سوچي اڳتي وڌڻو پوندو، سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ جدوجھد جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، اسان ماڻهن جو هڪ گروهه نه تاريخي قوم آهيون، سنڌ جي ماڻهن ۾ اميد آهي ته هو ڪجهه به ٿئي وطن جي پاسي بيٺا رهندا، اسان سياسي طور تي سگهارا آهيون، پر حڪمت عملي جي بنياد تي ضرور اسان ڪمزور آهيون. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ جي مسئلن تي گڏيل جدوجھد جي لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو فورم موجود آهي، اسان سمورن قومپرستن کي گڏ ڪري جدوجهد ڪري نتيجا حاصل ڪيا به آهن. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي سمورين مصيبتن جي ذميوار آهي، هو سنڌ کي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ داء تي لڳائي رهي آهي، سامونڊي پٽي تي افغانين ۽ ٻين ڌارين کي پيپلزپارٽي آباد ڪري رهي آهي، ٻوڏ متاثر تڪليفن ۾ آهن، سيء ۾ ماڻهو تڙپي رهيا آهن، ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي بحالي لاءِ اسان احتجاج ڪري رھيا آھيون، جدوجهد ڪرڻ سياسي جماعتن جو ڪم آهي، اسان کي پنھنجين سياسي جماعتن کي مضبوط ڪرڻو پوندو، خطرن کي سياسي پارٽيون ئي منهن ڏئي سگهن ٿيون. ھن چيو تھ سنڌ مٿان هر 15 ۽ 20 ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان وار ٿئي ٿو، ھڪ وار اڃا ٿيو ئي ناھي تھ مٿان ٻي مصيبت اچي وڃي ٿي، اسان کي سنجيدا ٿيڻ گهرجي، رڳو قوم تي ڏوهه نه ڏنيون. هن چيو ته حالت اها آهي ته ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ تي گرفتار شاگردن جي ضمانت نٿي ٿئي، عدالتن کي چئون ٿا تھ شاگردن جا امتحان ٿيڻا آھن، پر عدالتون بھ بيوس آھن. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته سڪيورٽي ڪنهن به قوم جي پهرين ايجنڊا هوندي آهي، ڌارين جي آبادڪاري سنڌ جي سڪيورٽي جو مسئلو آھي، نوان صوبا ٺاھڻ واري ڳالھھ دراصل سنڌ جي خلاف سازش آھي. ھن تجويز ڏني تھ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ سنڌ نيشنل ايجنڊا جوڙي وڃي، اها ايجنڊا سڄي سنڌ جي ماڻهن جي هجڻ گهرجي، پوءِ دنيا اسان کي سنجيدا وٺندي، سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي تباهي ۽ بربادي کان آگاهه ڪريون،  سفارتڪاري جيان ماڻهن کي انگيج ڪرڻ گھرجي. ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو چيو ته اھو سوال آھي تھ اسان جي قومي تحريڪ اڃا ميچوئر ڇو نٿي ٿئي، هن وقت ثقافت جي ايڪشن جي پويان ڪو سياسي عمل ناهي، اڳ جڏهن سائين جي ايم سيد ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين کي سياسي عمل سان جوڙيو هو تيئن اسان کي بھ ثقافت واري ايڪشن کي سياسي عمل سان جوڙڻ گھرجي. ھن چيو تھ اسان جا مطالبا ۽ قراردادون ساڳيون پراڻيون ئي آھن جيڪي اسان پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ڪندا پيا اچون، اسان جي مطالبن ۽ قراردادن تي ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي لاءِ سڪيورٽي رسڪ آهي، اسان کي سوچڻ گهرجي، هو ڪميٽيون ٺاهين ٿا، پر بال وري بھ اسان جي ڪورٽ آهي. پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه سنڌ جي وجود سان هٿ چراند جي ڪوشش آهي، اسلام آباد ۾ 12 ماڻهو ڪاميٽي ٺاهي صوبن جي حوالي راءِ ڏين تھ اها آئين جي خلاف ورزي آهي، قومي اسيمبلي کي صوبن کي ورهائڻ جو ڪو به حق ناهي. ھن تجويز ڏني تھ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جاءِ تي نيشنل ڪانگريس ٺاهي وڃي، جنهن ۾ سنڌ دوست ڌرين کي گڏ ڪجي ۽ ان جي ڪامن ايجنڊا هجي، اسان پنهنجو ڪيس پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ کڻي وڃون، انهن سان ڳالهائڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ اسان جو آواز انهن ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿو. نامياري ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته اسان سمورن جو ٽارگيٽ خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ آهي، اھو سوچڻ گھرجي تھ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت سنڌ سان جڙيل جماعت جي آھي پوءِ بھ سنڌ جي لاءِ ايترا مسئلا ڇو آهن؟، اسان کي به پنهنجو احتساب ڪرڻ گھرجي، اهو ساڳيو آصف زرداري آھي جنھن جي طاقتور وفاقي حڪومت ھئي، پر جڏھن ٻٽو مڪاني نظام آيو ته هنن کي سخت مزاحمت کي منھن ڏيڻو پيو، ان وقت سنڌ ۾ ضمني چونڊن دوران ھنن کي زبردستي ڌانڌلي ڪرڻ باوجود ڪجھھ سئو ووٽن جي ليڊ سان چونڊن ۾ ڪاميابي ملي. ھن چيو تھ صوبن واري بل خلاف قومي اسيملبي جي اسپيڪر کي خط لکڻ گھرجي. ڪانفرنس ۾ ذوالفقار قادري، سنڌ صوفي فورم جو صدر بدر چنا، قومپرست اڳواڻ مُبن مڱريو، سماجي اڳواڻ خوشحال داس، محاذ اڳواڻ عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، ممتاز علي بروهي، غلام نبي کٽي، غفار ميرجت، اياز سولنگي، پنهل جمالي، حبدار ميرجت ۽ ٻيا شريڪ هيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں