سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ ته پري جي ڳالھ پر واضح چئون ٿا ته اهڙي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آھيون:صنعان قريشي

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي دادو پهتو. جسقم دادو سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جسقم چيئرمين جي آجيان ڪئي.جسقم چيئرمين جي اڳواڻي ۾ موندر ناڪو کان دادو پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو. وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي صنعان خان قريشي چيو تہ ٻوڏ ۽ برساتن سبب پوري سنڌ سميت دادو ضلعي ۾ لکين ماروئڙا دربدر ٿي ويا، لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا ٻوڏ ۽ برسات متاثرين جي ڪابه واهر نه ڪئي ماروئڙا هن وقت به بي يارو مددگار سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن جي تڪليفن کي جسقم پنهنجي تڪليف سمجهندي روڊن تي آيا آهيون، سنڌ حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪري مسڪين ماروئڙن جي ڏکن دردن کي سمجهي انهن جي جلد واهر ڪري ٻي صورت ۾ جسقم احتجاجي تحريڪ هلائيندي، سنڌي قوم پنهنجي ثقافتي ڏينهن ملهائي ٿي ته انهن تي دهشتگردي جا ڪيس لڳايا وڃن ٿا اسان انهن جي مذمت ڪيون ٿا، سنڌ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيلن کي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي يا عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي،  سنڌ جي سالن کان ڦرلٽ ٿيندڙ معدني وسيلن  جي ڦر لٽ کي بند ڪري معدني وسيلن جو خرچ سنڌ مٿان خرچ ڪيو وڃي, وفاق جي دادگيري بند ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات تائين مظاهرا جاري رهندا، صنعان خان    چيو ته وفاق اسلام جي نالي صرف سنڌ جو نه صرف زرخيز زمينيون  قبضي ڪيون آھن پر سنڌ جي معدني وسيلن تي پڻ قبضو ڪري صرف ڦر لٽ ڪري رھيو آھي سالن کان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي  جيستائين ھڪ به غيرتمند سنڌي زنده آھي سنڌ جي عظيم ڌرتي جو ھڪ به انچ نه ڏيندو، نوان صوبا پنھنجي جاءِ تي پر اسان واضع طورتي چٽو ٿا چئون سنڌ جا ٽڪرا ته پري جي ڳالھ پر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آھيون ھن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي رياست وٽ قيد ٿيلن کي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي،  سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي,  سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي، صنعان خان قريشي کي دادو پريس ڪلب اچڻ تي صدر صابر ڀنڊ سنڌ جي ثقافتي سوکڙي ٽوپي، اجرڪ اوڍايا، ان موقعي تي سينئر صحافي سرور جلال سولنگي، گلڻ ڀنڊ، رضوان منگي، علي گل چنا قومي اڳواڻ مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مھيسر،ديدار شام، اطھر سومرو، نياز چنا ۽ ٻيا گڏ ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں