ڪراچي (بيورو) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سينيئر صحافي عاجز جمالي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. گورنر سنڌ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ هن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته ماءُ جي موت کان وڏو ٻيو ڪو به صدمو نه آهي، الله تعاليٰ سوڳوار خاندان کي صبر عطا فرمائي.
