سنڌ ڪابينا جي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي ڪارڪردگي وارو سوال؟

عبدالمجيد ملاح
تازو ڪنهن سنڌي پرائيويٽ ٽي وي چيلنز تي هڪ پروگرام جي نشريات تي اينڪر سنڌ جي وزيرن ۽ صلاحڪارن کان مليل محڪمن (کاتن) تي ڪيترائي سوال دلچسپ نظر آيا. جنهن مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته انهن کاتن جي ڪارڪردگي کان عوام ته اڳئي بي خبر هئا. بلڪه انهي وزيرن ۽ صلاحڪارن کي به خبر ڪانهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي اڪثر وزير ۽ صلاحڪار ڪراچي جي آفيسن ۾ صرف جهنڊي واري گاڏين ۾ چڙهي ڪري اتي لهن ٿا ۽ وقت ٽائيم پاس ڪري وري انهن آفيسن جي پي آر اوز جي رحم ڪرم تي هجن ٿا. مرضي آهي ته هو پنهنجي صاحبن اڳيان ڪهڙا فائيل آڻي صحيح ڪرائڻ لاءِ رکن ٿا. اُهي فائل صحيحون وزير وري پنهنجن پنهنجن بنگلن ڏانهن موٽن ٿا. سمجهيو ائين وڃي ٿو ته اسان پنهنجا ڪم ڪري آياسين. اڪثر ڪري سنڌ جي عام ماڻهن کي اها به خبر ڪانهي ته اسان جي وزير کي ڪهڙا کاتا آهن جيڪو ڪم وٺون. پرائيويٽ چئلنز سوال ڪرڻ کان اڳ ۾ هو پاڻ انهن وزيرن ۽ صلاحڪارن جي کاتن جي لسٽ مطالعي لاءِ هٿ ڪري ٿو. جيئن انهي وزير کان اُن جي کاتي بابت ڪرڪردگي وارو سوال ڪري سگهي. اڪثر وزير صلاحڪار جيڪي انهي کاتن کان به بي خبر هوندا آهن. افسوس اهو آهي ته اسان اڪثر صلاحڪار ۽ وزير اُن وقت صف ۾ نظر فوٽو سيشن واري گئلري ۾ نظر اچي ٿو. جڏهن سنڌ جو وزير اعلى وغيره ڪنهن وزٽ دوران ڪٿي بيٺل نظر اچن ٿيون انهي کان اسان بلڪل بي خبر آهيون. سنڌي ماڻهو انهن غريب ماڻهن کي اها به خبر ڪونهي تها سانجون زمينون، انهن جا کاتا محفوظ آهن يا ڪونهي، سنڌ جا اڪثر وزير ۽ صلاحڪار صرف انهي ڳالهه ۾ خوش آهن ته اسنا کي جهنڊي واري گاڏي آهي. پروٽوڪول گهرجي ٿو. سنڌ جي محڪمن جي بجيٽ ڪٿي آهي. ڪيتري آهي، ڪيڏانهن وڃي ٿي. ترقياتي ڪم ڪٿي پيا هلن. جنهن جي ڪا خبر ڪانهي، حقيقت اها ته بدين ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر شهر آهي، ٻاهر جو ماڻهو اچي ڪري اهو سوال ٿو ڪري ته چاهي آهي. ضلع بدين جي روڊن جو حال ۽ هيڊ ڪوارٽر وارو شهر آهي. هر هنڌ تي پاڻي روڊن تي نظر ايندو. ڇا بدين سميت بدين ضلعي اندر ڪهڙي شئي جي کوٽ آهي، زراعت، ٽماٽن جو فصل سارين، ڪمند جو فصل ۽ وغيره هٿان جي پيداوار آهي. ليڪن جڏهن بدين شهر ۾ اچي ڏسو ته توهان جي ذهن ۾ اهو سوال نظر ايندو ته ڇا اسان جا چونڊيل نمائيندا ۽ وزير، صلاحڪار، ڇو خاموش آهن. حد دخلين جو آزار، هر هنڌ شهر جي اندر روڊ ٽٽا پيا آهن. تنهنڪري جيڪي به آفيسر مقرر آهن انهن ڪڏهن به شهر اندر اچي شهر جي اندرين حالت نه ڏٺي آهي. ڇو جو هو صرف پنهنجي آفيس کان پنهنجي رهائشي بنگلي تي وڃي آرام ڪن ٿا. باقي شهر جي روڊ تي گندگي، ٽريفڪ جو نظام درهم برهم، نظر ايندو ڪنهن جي به ڪن تي جونءَ ڪانه ٿي سُري. تنهنڪري ٻن ايم اين ايز، پنج ايم پي ايز، سميت هڪ وزير به صلاحڪارن ۾ ايتري وڇوٽي ڇو آهي. بي حسي وارا حالت آهي تنهنڪري هاڻي انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ته انهي حالت ۾ پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري وري اچي ماڻهن کان ووٽ وٺڻ نڪرندا. تنهنڪري پنهنجن کاتن کان بي خبر کاتن جي مقرر بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي. تنهنڪري اهو سوال هر هڪ ماڻهن ذهن ۾ اچي ٿو. جواب گهرجي سنڌ جي صلاحڪارن وزيرن کان؟

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں