سنڌ ۾ سوين ماڻھن کي جبري گم ڪيو ويو آھي، اسان کي انصاف لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي: ورلڊ سنڌي ڪانگريس

مسي ساگا (پ ر) انساني حقن جي ڏهاڙي يا ھيومن رائٽس ڊي جي حوالي سان ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان مسي ساگا ويلي ڪميونٽي سينٽر ۾ ھڪ پروگرام رٿيو ويو، جنھن ۾، بلوچ ھيومن رائٽس ڪائونسل ڪئناڊا ۽ پشتون ڪائونسل ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي ھڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. جنھن ۾ سنڌي، بلوچ، پشتون، پنجابي ۽ ڪشميري ڳالھائيندڙ ماڻھو شامل ھئا، پروگرام جي موڊريٽر طور روحي ڪلھوڙو مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ ٻڌايو تہ ھر سال 10 ڊسمبر کي بطور انساني حقن جي ڏينھن طور ملھايو ويندو آھي جنھن تحت گڏيل قومن جي انساني حقن جي منشور ۾ درج حقن ۽ آزادين جي احترام کي فروغ ڏيڻ جو مطالبو ڪيل آھي. جنھن جي منظوري اقوام متحدھ جي جنرل اسيمبلي 1948ع ۾ ڏني ھئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڪئناڊا جي آرگنائزر آصف پنھور سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ، جبري گمشدگين ۽ سنڌ ۾ تازي برساتن  ۽ ھٿرادو ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيل سنڌ جي تباھي تي تفصيلي روشني وڌي ۽ ٻڌايو تہ سنڌ پاڪستان کي 65 سيڪڙو روينيوڏئي رھي آھي جڏھن تہ موٽ ۾ سنڌ کي صرف 24.55 سيڪڙو ورھاست واري پول مان ڏنو وڃي ٿو، ھن ٻڌايو تہ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن جو گراف تمام گھڻو وڌيل ڏيکاريو ويو  آھي، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن تعليم، پوليس ۽ عدالتن ۾ ٻڌائي وئي آھي، جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عدالتون ڪرپٽ ھونديون اتي مظلومن جي داد رسي ڪيئن ڪئي ويندي، سنڌ ۾ سوين ماڻھن کي جبري گم ڪيو ويو آھي، اسان کي انھن جا انگ اکر انساني حقن جي ادارن کي مھيا ڪري انھن لاءِ انصاف جي جدوجھد ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي ڳالھائيندي پشتون ڪائونسل ڪئناڊا جي جنرل سيڪريٽري بشرا خان ۽ جھانگير بخاري چيو تہ پاڪستان ۾ انھن مائرن جي دل تي ڇا گذري ھوندي جنھن جا ٻچڙا آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ قتل ڪيا ويا ۽ انھن جي قاتل احسان اللہ احسان کي تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏئي انھن جي مائرن جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪيو ويو ۽ معصوم ٻارڙن جي خون سان انصاف نہ ڪيو ويو جڏھن تہ محسن داوڙ ، علي وزير، منظورپشتين ۽ ھزارين پشتون قيد وبند ۾ آھن ۽ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي. بلوچستان ھيومن رائيٽ ڪائونسل ڪئناڊا جي سميع جان چيو تہ بلوچستان ۾ جن ماڻھن کي ڪجھ مھينا اڳ مسنگ ڏيکاريو ويو ھوانھن مان 4 ڄڻن کي ڪجھ ڏينھن اڳ دھشتگرد ڪري ماريو ويو، ڪوئيٽا ۾ وڪيلن جو قتلام بہ کلي دھشگردي آھي، اڄ بہ بلوچستان مان ھزارين ماڻھو مسنگ آھن. ويسٽرن بلوچستان ايران جي نادر بلوچ چيو تہ ايران ۾ بہ بلوچن سان جبر۽ ظلم جاري آھي، پروگريسوو پاڪستاني ڪميونٽي ڪئناڊا جي عباس سيد چيو تہ اھا ڪيتري افسوس ناڪ ڳالھ آھي تہ جڏھن وزيراعظم شھباز شريف کي ڪوئيٽا جي دوري دوران جبري لاپتہ ماڻھن لاءِ چيو ويو تہ ھن ان تي افسوس ڪيو ۽ چيوتہ ھو ايجنسين سان ڳالھائيندو، سنڌي رائٽر ۽ ڪالم نگارڊاڪٽر ناصر جمال پٺاڻ چيو تہ سنڌ جي عوام کي وڏيرن ۽ طاقتورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، انساني حقن جي ڳالھ تڏھن ٿيندي جڏھن ھو اسان کي انسان سمجھن، ھاڻي سنڌين جي حالت غلامي واري آھي ھڪ طرف وڏيرا ۽ جاگيردار تہ ٻي طرف رياست سنڌين جا انساني حق سلب ڪري ويٺا آھن. جمون ۽ ڪشمير سينٽر فار پيس ۽ ڊيموڪريسي جي ممتاز خان چيو تہ آزاد ڪشمير ۾ ننڍا وڏا 50 کان وڌيڪ ڊيم ٺاھيا ويا ۽ اتي رھندڙ عوام کي زمينن کان بيدخل ڪيو ويو، منگلا ڊيم مان تڙيل ماڻھن جو ھڪ وڏو انگ يو ڪي لڏي ويو ۽ اتي ئي رھي پيو،  پروگريسوو رائٽر ڪئناڊا جي منير پرويز سامي چيو تہ پنجاب سان تعلق رکندڙطاقت ور حلقا تمام وسيلن تي قابض آھن ھاڻي انھن خلاف پنجاب ۾ بہ مخالفت ڪر کڻي رھي آھي. پنجاب سان تعلق رکندڙ عفاف اظھر پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ جبري گمشدگين تي افسوس جو اظھار ڪيو، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سينئر وائس چيئر پرسن حاجن ڪلھوڙي سنڌ ۾ ھندو ڪميونٽي جي پروفيسر نوتن لال جي سزا ۽ نابالغ ھندو نياڻين جي جبري شادين کي افسوس ناڪ قرار ڏنو ۽ چيو تہ پروفيسرنوتن لال کي ھڪ شاگرد جي ڪوڙي شاھدي تي 25 سال سزا ڏني وئي آھي، اڄ بہ ھندو نياڻين کي جبري اغوا ڪري انھن جو جبري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، اسان کي ان ظلم خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي ھن وڌيڪ چيو تہ ھر سال ان ڏينھن جي حوالي سان ھڪ ٿيم يا عنوان ڏنو ويندو آھي ۽ ھن سال  انساني حقن واري ڏينهن جو موضوع آهي وقار، آزادي، ۽ انصاف سڀني لاءِ ، اسان سڀني مظلوم قومن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏجي انھيءَ حاصلات لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي. ان پروگرام دوران سنڌ ۾ برساتن ۽ ھٿراڌو ٻوڏ جي تباھي ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرپرسن ڊاڪٽر روبينہ شيخ جون وڊيوز پڻ ڏيکاريون ويون ۽ آخر ۾ مھمانن کي ريفيشمينٽ پيش ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں