سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آھي تھ جنرل ( ر ) باجوا عمران خان جو محسن پر هو احسان فراموش نڪتو ۽ صبح، شام پنهنجن محسنن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي. سيالڪوٽ ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته عمران خان چئي ٿو ته مان باجوا کي ملازمت ۾ واڌ ڏئي غلطي ڪئي، عمران خان ئي ته کيس تاحيات آرمي چيف بڻائڻ جي آڇ ڪندو رهيو هو. بچاءَ واري وزير چيو ته عمران نيازي کي اقتدار ۾ آڻي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو، عمران خان کي هڪ ايجنڊا تحت اقتدار ۾ آندو ويو، نئين نسل کي تباهه ڪرڻ بعد عمران نيازي هاڻي چونڊن جا آواز ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان اوچتو نازل ناهي ٿيو، کيس ايجنڊا تحٽ لانچ ڪيو ويو، پلاننگ ڪندڙن طئي ڪري ڇڏيو هو ته کيس رياست تي مڙهڻو آهي، ان جا نتيجا سڀني جي آڏو آهن، عمران خان هڪ تجربو هو جنهن کي 13-2012ع ۾ لانچ ڪيو ويو هو، اهو غلط ۽ تباهي وارو تجربو هو . خواجا آصف چيو ته ستن اٺن مهينن کان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ملڪ کي ٻيهر پٽڙي تي آندو وڃي، ن ليگ رياست ۽ سياست کي ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو ذمو کنيو آهي، جنهن نموني نواز شريف ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو هيو اهڙي نموني ملڪ کي ٻيهر ترقي واري رستي تي آندو ويندو. خطاب دوران خواجا آصف چيو ته اسان کي ٽن کان چئن سالن تائين جيلن ۽ قيد بند جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون، عمران خان چوندو هو ته برطانيا ۾ انصاف آهي، شهباز شريف کي اتي انصاف مليو هو. پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته هنن انصاف جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، اسان تي زمينون تنگ ڪيون ويون پر اسان جو رب ڏسي رهيو هو، عمران خان خانه ڪعبه واريون گهڙيون کپائي ڇڏيون، ڪارڪن چون ته خان صاحب وڏو ايماندار آهي پر هي ته وڏو چور نڪتو. مرشد ذولفي بخاري ذريعي گهڙيون وڪرو ڪري ڇڏيون، دولت ۽ اقتدار جي هوس جي ڪائي حد ناهي، اِهو ڏوهه عمران ۽ سندس ساٿين تي پوندو. خواجا آصف چيو ته عمران خان چوندو هو ته اسمبليون ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ اڃا ڪريو پرويز الاهي تي يقين، سڀاڻي چوندو ته مون پرويز الاهي تي يقين ڪري غلطي ڪئي.
