عوامي ورڪرز پارٽيءَ جو سنڌ بحالي مارچ لاڙڪاڻي پهتو، سنڌ کي حڪمرانن جي ناقص پاليسين ٻوڙيو:اڳواڻ

لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد هيسباڻي) خيرپور ناٿن شاهه کان نڪتل پيادل سنڌ بحالي مارچ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي، مير حسن سريوال، لطيف لغاري، سينگار نوناري، خان غفار خان، عابده نوناري، فيض ڪيريو ۽ جئه ڪمار جي اڳواڻي ۾ پيرين پنڌ خيرپور ناٿن شاهه کان ٿيندي، ميهڙ، گاجي کهاوڙ، وارهه، نصيرآباد کان ٿيندو 100 ڪلوميٽر طئي ڪري لاڙڪاڻي پهتو. مارچ کي لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ، وطن دوست جمهوري پارٽي، پي پي شهيد ڀٽو ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ڀليڪار ڪيو. جناح باغ وٽ پهتل مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جو پورهيت ڌرتي ڌڻي، اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ بُک جي ور چڙهيل هيو ته مٿان هيلوڪي برسات ۽ ٻوڏ کيس بيماري ۽ دربدري جو بار به کڻايو. ايڏي وڏي تباهي ۾ سرڪاري بي حسي پڻ پنهنجو حصو وڌو. سنڌ کي نه ته برسات ۽ نه وري درياهه جي پاڻي ٻوڙيو آهي. سچ اِهو آهي ته سنڌ جي ساڄي پاسي جيڪب آباد، قمبر شهداد ڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو ضلعي کي بلوچستان جي پاڻي جنهن جي سنڌ حڪومت وقت سِر ڪٿ به نه ڪري سگهي ۽ کاٻي پاسي خيرپور ميرس، نوشهروفيروز، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ بدين ضلعي کي درياهه جي پُراڻي لنگهه تي قبضن ۽ سم نالن ٻوڙيو آهي. برسات ۽ درياهه سان ٻڏي ته سنڌ ٻيڻي ٿيندي هُئي پر اهي اسانجي حڪمرانن جون ناقص پاليسيون ۽ سندن طبقاتي مفاد آهن جن سبب اڄ سنڌ جو پورهيت عوام پنهنجي ئي ديس ۾ دربدر ۽ لاچار آهي. اسان جي حڪمرانن 2010 ۽ 2011 جي ٻوڏن منجهان ڪجهه ڪونه سکيو ۽ هاڻ 2022 ۾ ان جو نتيجو اسان جي سامهون آهي، جڏهن ايڏي وڏي تباهي ۾ وفاقي توڙي سنڌ سرڪار عملي طور گم هُئي. رياست ۽ سنڌ سرڪار جيڪڏهن آهي به ته صرف ٽيڪس وٺي مهانگائي ڪرڻ لاءِ، وسيلن جي ڦُرلٽ ڪرڻ لاءِ ۽ مزاحمت ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ لاءِ. اسان ڏٺوسين ته پهرين تہ ماڻهن کي ٻوڏ جي علائقن منجهان ڪڍيو ڪونه ويو، ماڻهو پنهنجا الهه تلهه، ڪٿي مال متاع ڇڏي ٻارين ٻچين پنهنجو پاڻ نڪري، بچائڻ جي ڪندا رهيا. ٻي پاسي انهن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي سرڪاري توڙي روڊن ۽ بندن پاسي خانگي ڪيمپن ۾ ڪا سهائتا ڪونه ٿي. سرڪاري ڪيمپن ۾ ڪنهن هڪ ويلي ڪا ڌپ واري برياني ملي ته واهه نه تہ خير، باقي ٻين هنڌن تي ماڻهن کي ته سرڪار ٽينٽ ۽ مڇردانيون ئي ڪونه ڏئي سگهي. مليريا، ڊينگي، گسيٽرو، هيپاٽائٽس۽ چمڙي جي بيمارين مُنهن ڪڍيو ته ڊاڪٽر ۽ دائون اڻلڀ. ٻوڏ ۽ بيمارين ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهو مُئا ۽ لکن جي تعداد ۾ مال مُئو پر ڪا واهر نه ٿي. امدادي سامان يا ته جاگيردارن، چونڊيل نمائندن جي اوطاقن تي لٿو يا ڪنهن سيٺيي جي گودام ۾. جن ٻوڏ متاثر حقيقي ماڻهن کي ڇڏي پنهنجي مِٽ مائٽن ۽ واقف ڪارن کي پئي ڀريو. ڪامورن پِڻ ساڳي ڪار ڪئي. هنن چيو ته تازو عمرڪوٽ جي هڪ آفيسر پاران 4 لکن ۾ ٻوڏ متاثرن جو سامان وڪرو ڪرڻ وارو ڪم سڀ جي سامهون آهي. اهڙي ريت هاڻ ٽين ڏاڪي ۾ جڏهن ماڻهو پنهنجي علائقن ڏانهن موٽن ٿا جتي سندن گهر تباهه آهن، فصل اڃا به ڪٿي پاڻي هيٺ آهن تڏهن انهن جي بحالي لاءِ به ڪي به جوڳا قدم نه کنيا وياآھن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ننڍن آبادگارن کي ايڪڙ تي پنج هزار رپيا في اڪڙ ڏي ٿي ان منجهان ته ايڪڙ جي کيڙي به ڪونه ٿئي. سنڌ جي بي زمين هاري ۽ پورهيت لاءِ ته اڳ به ڪجهه ڪونه هو ۽ هاڻي به ڪونهي. تمام گهڻي پاڻي وارن ڪجهه علائقن ۾ ته سروي وارا ئي ڪونه ويا ته انهن جي بحالي جو امڪان ڪهڙو”؟. هنن چيو ته هي وقت آهي پنهنجي حالتن تي ڳوڙهي ويچار جو، پاڻ جهڙن سان حال احوالي ٿيڻ جو، سياسي طور منظم ٿيڻ جو ۽ اسان کي بار بار ٻوڏ ڏيندڙ رياست، حڪمرانن ۽ هن طبقاتي نظام سان ليکي چوکي کي سڌو ڪرڻ جو. انهن حالتن ۾ عوام جا دشمن به چُپ ڪري ڪونه ويٺا هوندا، اُهي اسان پورهيتن جي نفرت ۽ ڪاوڙ کي ذات، برادري، نسل ۽ فرقي جي نالي ۾ پاڻ جهڙن ٻين پورهيتن ڏانهن لاڙڻ جو وس ڪندا. اُهي بدامني کي به هوا ڌيندا ته جيئن سُڪن سان گڏ ساون کي به ساڙي ڇڏجي. اها ذميواري ٻوڏ متاثر خاندانن جي نوجوانن تي پئي ٿي ته هو ڪنهن به اهڙي تنگ نظري ۽ ذاتي فائدي جي ڄار ۾ ڦاسڻ بدران پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن ٻين خاندانن جي واهر ڪن، پاڻ کي ٻوڙيندڙ دشمنن ۽ انهن جي پاڻ ۾ رشتي کي سُڃاڻين ۽ اهڙي عوام دوست سياست جو حصو ٿين جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ پورهيت ۽ وطن دوست هجي، ته جيئن اسان سڀاڻ پنهنجي ايندڙ نسلن کي ان ساڳي عذاب منجهان گذرڻ کان بچائي سگهون جنهن کي اسان پنهنجي هڪ حياتي ۾ ٽيون ڀيرو ڀوڳيون ٿا. تنهنڪري اچو ته هن قاتل جاگيردار، سنڌ سرڪار، رياست جي بيٺڪي بيهڪ ۽ عالمي سرمائيداراڻي ماحولياتي تبديلن خلاف گڏ ٿيون. هنن چيو ته عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ، ٻوڏ متاثر عوام جي بحالي لاءِ اربع 7 ڊسمبر کان ٽيون ٻوڙايل شهر خيرپور ناٿن شاهه کان پيادل مارچ شروع ڪري وايا ميهڙ، گاجي کُهاوڙ، وارهه، نصيرآباد کان ٿيندو اڄ لاڙڪاڻي ۾ اچي دنگ ڪيو آهي. ان  “سنڌ بحالي مارچ” منجهه شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان سمورن عوام ۽ قوم دوست سياسي پارٽين، فورمن، سڄاڻ ماڻهن ۽ ٻوڏ متاثر عوام کي شرڪت جي انقلابي جذبي سان نينڍ ڏيون ٿا ته جيئن هيٺين مطالبن ۽ قراردادن جي مڃتا ٿي سگهي. ڌرڻي ۾ متفقه طور تي قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته برساتي تباهيءَ جي شڪار ٻڏل عوام جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، جتي اڃا تائين پاڻي بيٺو آهي ان جي نيڪال جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن،عالمي طور مليل امداد وڏيرن جي اوطاقن تي ورھائڻ بجاءِ بندن، روڊن ۽ ڳوٺن ۾ ترسيل بي پھچ ٻوڏ متاثرن تائين رسائي وڃي، مئل مال ۽ ٻڏل فصلن جي نقصان جي درست ڪٿ ڪري رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ متاثرن کي فوري ۽ مڪمل ادائگي ڪئي وڃي، ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن يا ڊٿل گھرن جو گھٽ ۾ گھٽ معاوضو ڏھ لک ڏنو وڃي،درياھ ۽ نَيُن جي قدرتي رستن کي بحال ڪيو وڃي، ان تي ٺھيل ڊيمن، فلڊ ۽ سم ڪئنالن کي ختم ڪيو وڃي،  درياهه جي هاڻوڪي ۽ اڳوڻن قُدرتي وهڪرن تان جاگيردارن ۽ عام جا قبضا ختم ڪري رستا بحال ڪيا وڃن، پاڻي هيٺ علائقن ۽ ٻوڏ متاثر ڪيمپن ۾ هنگامي بنيادن تي ميڊيڪل ڪيمپون هڻي، مڇر مار اسپري ڪرائي، مليريا، ڊينگي، گيسٽرو ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ روزانو مرندڙ عوام کي بچايو وڃي، ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مرندڙ مال متاع لاءِ وٽنري ڪيمپون لڳائي، مرندڙ جانورن کي بچايو وڃي، کاڌ پيت، دوائون ۽ روزاني وار شين کي سستو ڪري، مهانگائي کي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ اڳيان ايندڙ کاڌي جي بحران لاءِ پاليسي جوڙي وڃي، ٻوڏ سٽيل ضلعن جي شاگردن جون سموريون فيون ۽ ننڍن متاثر آبادگارن جا زرعي قرض معاف ڪري، ڀاڻ، ٻج سان گڏ فصل جو امدادي اگهه ڏنو وڃي، عالمي توڙي وفاقي ادارن کان مليل امداد جي انگ اکرن کي پڌرو ڪري، رٽائر ججن جي اڳواڻي ۾ شفاف طور ورهائي وڃي، پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائيندڙ ٻوڏ متاثرن جي نقصان جو پورو اندازو ۽ ازالو ڪيو وڃي ۽ بحاليءَ پروگرام کي واضح ڪندي کين گهر ٺهرائي وڃن، 2010 ۽ 2011ع جي ٻوڏ بابت سيڊا جي رپورٽ کي پڌرو ڪيو وڃي ۽ هڪ جوڊيشل ڪاميٽي ٺاهي هاڻوڪي ٻوڏ جي ذميوارن جو تعين ڪندي کين سخت سزا ڏياري وڃي، ناقص سم نالن جي منصوبن کي ختم ڪيو وڃي ۽ بچاءُ بندن جي مرمت ڪئي وڃي، زرعي سُڌارا ڪري، جاگيردارن، ملڪ رياض جهڙن سرمائيدارن ، ڪارپوريٽ ۽ عسڪري ادارن کان زمينون ڦري، سنڌ جي اسي سيڪڙو بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي، سنڌو درياهه تي هر قسم جي ميگاپراجيڪٽس (ڊيمن)، ڪٽس ۽ فلڊ ڪينالن کي بند ڪيو وڃي، دفاع ۽ قرضن کي گهٽائي ماحول دوست ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي، ڪوئلي ۽ تيل جي بدران سولر، هوا ۽ پاڻي جي ذريعن تي زور ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں