قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ واپسي جي دعوت ڏئي ڇڏي

لاهور (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ واپسي جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي نظر انداز ڪنداسين ته اڳيان نٿا وڌي سگهون. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل پارليامينٽ وٽ آهي. سمورين پارٽين کي اپيل آهي ته معاشي استحڪام لاءِ پارليامينٽ ۾ اچن. تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ واپسي جي دعوت ڏيندي راجا پرويز اشرف چيو ته پارليامينٽ کي نظر انداز ڪنداسين ته اڳيان نٿا وڌي سگهون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته تسلي ٿيڻ تائين ڪنهن به قومي اسيمبلي ميمبر کي ڊي سيٽ نٿو ڪري سگهجي. تحريڪ انصاف ميمبرن کي چوان ٿو ته اچو اسيمبلي ۾ ويهو، جهڙي طرح حڪومت ضروري آهي اهڙي طرح اپوزيشن به ضروري آهي. راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته بطور اسپيڪر منهنجي خواهش هوندي ته هر اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري. ماضي جي حڪومتن جيان موجوده حڪومت کي به پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي. سمورين سياسي پارٽين کي ملي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان کي قانون سازي سان گڏوگڏ قانون جي عملداري کي يقيني بنائڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستاني سياست ۾ تڪرار ختم ڪرڻ گهرجي. استعيفيٰ منظور ڪرڻ جا قائدا ضابطا موجود آهن. قانون چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪو اسيمبلي ميمبر دٻاءُ ۾ اچي استعيفيٰ ڏئي ته ان کي قبول نه ڪيو وڃي. حڪومت جيان اپوزيشن به ضروري آهي جيڪڏهن عمران خان چاهي ٿو ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين ته اهي قانون سازي ۾ حصو وٺن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں